هالي ووڊ ادڪاره ماءُ جي قتل الزام ۾ گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪاره مولي فٽز جيرالڊ کي پنهنجي والده جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. انڊپينڊنٽ جي رپورٽ مطابق اداڪاره جي 68 سالا والده پيٽريڪا فٽز جيرالڊ مئل حالت ۾ گهر مان ملي هئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مولي کي تحويل ۾ ورتو جنهن کان پوءِ ان تي سيڪنڊ ڊگري قتل جو الزام داخل ڪيو ويو.  پوليس مطابق ان علائقي مان ڪنهن ان واقعي جو اطلاع ڏنو جنهن تي اداڪاره جي گهر پهچي ڇاپو هنيو جتي مولي جي والده زمين تي مرده حالت ۾ موجود هئي ۽ ان کي خنجر سان قتل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته مولي فٽز جيرالڊ 2011 جي مشهور هالي ووڊ فلم ڪيپٽن آمريڪا ۾ڪم ڪري چڪي آهي. هو 2018 جي فلم ٽربل از ماءِ بزنس  کان علاوهه 2014 ۾ ٿرلر فلم دي لافل ٽرٿ جي ڪهاڻي لکي ۽ ان فلم جي ڊائريڪٽر به پاڻ هئي. مولي فٽز جيرالڊ جو مامو گيري ڪا اي پي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀيڻ گهر تبديل ڪرڻ جي خواهشمند هئي ۽ هو نه ٿو ڄاڻي ته ان جي ڀيڻ کي ڇو قتل ڪيو ويو ۽ مولي ان جي ڀيڻ کي قتل ڇو ڪيو هو بس اهو ڄاڻي ٿو ته ان جي ڀيڻ هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو