هاف فراءِ ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

نواب شاھ (ن س) ٻانڌي پوليس پاران مبينه ھاف فرائي ڪيل بابر ڪيريو جي وارثن جو پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ انصاف جي اپيل ڪندي سندس امڙ ۽ وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته بابر ڪيريو کي سڪرنڊ پوليس دڪان تان گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي جنھن کان پوء اسان کان آزادي لاءِ رشوت گھري اسان ڏوھ پڇيو ته پوليس الٽو ڌمڪيون ڏيڻ لڳي جنھن بعد کيس سڪرنڊ ٿاڻي وارن ٻانڌي پوليس جي حوالي ڪري رات جي پيٽ ۾  ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاري کيس ٽنگ ۾ گولي ھڻي معذور ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته بابر ڪيريو جي ضمانت کان پوءِ ھن جو مسلسل ٽنگ مان رت نه بيھڻ سبب اسين ھن کي پي ايم سي اسپتال  نواب شاھ آندو  جتي ڊاڪٽرن پاران جواب ڏنو ويو آهي جنھن کانپوءِ اسان ڪراچي کڻائي وڃي رھيا آھيون ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي معصوم بابر ڪيريو کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار پوليس ھوندي ۽ اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ، وزيراعلي سنڌ،آئي جي سنڌ ،ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد سميت اعلي اختيارين کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته پوليس پاران جيڪي ڪوڙا مقابلا ڏيکاري بيگناھن کي گوليون ھڻي اپاھج ڪن پيا اھڙن آفيسرن ۽ اھلڪارن کي فورن ھٽايو وڃي ۽ سندن مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو