هاسٽل کان مقتل تائين

گلشن سنڌو

 اسان جون  درسگاهون احترام جو اهو ادارو هونديون آهن جن جي عزت ڪرڻ ,اسان پنهنجو مرڪُ سمجهندا آهيون شان ۽ مان سان ان اداري جو نالو کڻندا آهيون ڇوته انهن تعليمي درسگاهن ۾ اسان جون نياڻيون نه فقط تعليم پرائينديون آهن بلڪه قوم ۽ ملڪ جا وڏا وڏا بار پنهنجي ڪلهن تي محسوس ڪندي پختن ارادن ,نيڪ نيتيء  ۽ ثابت قدميء سان نه صرف پنهنجا تعليمي مقصد پورا ڪرڻ ۾ جنبي وينديون آهن  بلڪه وقت پٽاندر ثابت پڻ  ڪنديون آهن ته ان مقصد  جي حاصلات ئي سندن Goal of life  آهي ۽ جيسين انهيء مقصد کي پورو نه ڪنديون آهن تيسين  سندن وجود ۾ عجيب قسم جي اُڻ تُڻ ۽ بي چيني کين مقصد جي حاصلات ڏانهن تيزيء سان سفر ڪرائيندي آهي ۽ ان کان وڌيڪ بي چين سندن والدين ۽ ٻيا سڀ گهر ڀاتي به هوندا آهن ۽ سندن اها بي چيني تڏهن وڃي ختم ٿيندي آهي جڏهن سندن نياڻيون پنهنجو تعليمي Target ڪمپليٽ ڪري سندن سامهون ڪنهن بي مثال, مثال  وانگر سندن لاء سرهائيء جو سبب بڻبيون آهن جنهن لاء والدين سندن سالن جي دوري به برداشت ڪندا آھن درسگاهون  ٻين شهرن ۾ هجڻ سبب کين هاسٽلن ۾ رهائش جي اجازت ڏيندا آهن جيئن سندن نياڻين جي ڪيريئر ۾ ڪو  رُخنو نه پئي پر افسوس جو مقام آهي ته اهي هاسٽل ڄڻ ته مقتل گاه بڻجنديون پيون وڃن جتي نياڻين جي مستقبل جي سجايل خوابن جوپڻ قتل عام ڪيو وڃي ٿو 23 نومبر به نوشين ڪاظميء جي گهر وارن لاء هڪ دردناڪ ,درد کڻي آيو نوشين جيڪا مستقبل قريب ۾ هڪ مسيحا بنجي انساني جانيون بچائي هان سا پاڻ ئي ظالم موت جو کاڄ بنجي وئي نوشين ڪاظمي جو تعلق منهنجي اباڻي شهر دادوء سان  آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته استاد بخاريء جي ڏوهٽي پڻ  هئي سندس پراسرار موت خبر ناهي ڪهڙن ڳجهن کي لڪائيندڙ ظالمن جي ظالم جي تصوير بنجي وئي .

جڏهن ڪوبه ماڻهو اگر خودڪشي ڪندو آهي ته سڀ کان پهريائين هو پکي جي ڇيڙي تائين پهچڻ لاء اسٽول جو استعمال ڪندو آهي جيڪو بعد ۾ ڪمري جي ڪنڊ  ۾ ضرور ملندو هڪ مريل ماڻهو مرڻ کان پوء پاڻ کي پکي ۾ ڪيئن ٽنگي سگهي ٿو  نوشين جي ٽنگيل لاش جي اها عجيب ڳالھ ,اها منطق سمجھ کان ٻاهر چئبي هن کان اڳ نمرتا جو به ڦاسي لٽڪيل لاش به ساڳي ئي اداري جي هاسٽل مان هٿ آيو هو نياڻين جي هاسٽلن ۾ ٿيندڙ عجيب و غريب موت کان  پوء ڊنل عوام ڀلا آئينده نياڻين کي هاسٽلن ۾ رهائش لاء ڪيئن اجازت ڏيندا,,,تعليم شعور آهي ۽ ان کي پرائڻ جا ذريعا وري درسگاهون آهن 

جڏهن تعليمي درسگاهن جون هاسٽلز مقتل گاهون بنجي وڃن ته پوء اهڙي تعليم کان نياڻيون نه پڙهائجن, گهرن ۾ ويهارجن ڪم از ڪم اهي نياڻيون اکين جي اڳيان ته هونديون 

هڪ نياڻيء کي يونيورسٽي تائين پهچڻ لاء ڪيترانه ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا اهو درد ڪو باشعور ماڻهو ئي سمجهي سگهي انهن والدين جي درد جو ڪاٿو ته ڪوئي به نه ٿو لڳائي سگهي جيڪي چار سال اڳ نياڻي ء کي تعليم جا مقصد پورا ڪرڻ لاء موڪلين ۽ چار سالن کان پوء کين پنهنجي پيريء ۾ نياڻيء جو لاش ڏسڻو پوي انهن  والدين جي زندگي  ته جيئري ئي زندان بنجي ويندي آهي اهي ساه ته کڻندا آهن پر جيئندا ناهن نياڻيون سڀ کي مٺيون هونديون آهن انهن کي انصاف ڏيارڻ لاء اٿي کڙو ٿيڻ هر ان شخص تي واجب ٿئي ٿو جيڪو پاڻ به ڄاين وارو آهي نوشين ڪاظمي ء لاء به تيستائين آواز اٿاريو جيستائين سندس خون سان انصاف نه ٿو ٿئي ته جيئن اڳتي ڪنهن به نياڻي کي هاسٽل ۾ رھائڻ وقت انهن جا  والدين هنيانءُ نه هارين

پهنجو تبصرو موڪليو