هاري ۽ ماهيگير کي ايمپلائيز ورڪر وارا حق ڏنا وڃن؛ سڀاڳي ڀيل

ٽنڊومحمدخان (ن س) سنڌ جي ھارين ۽ ماھيگيرن کي SIRA2013 تحت حق ڏناوڃن. اھڙن خيالن جو اظھارھاري حقدارتحريڪ جي مرڪزي سينئرنائب صدرڪامريڊ سڀاڳي ڀيل روزاني سنڌيار جي عيوضي سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته سيرا 2013 تحت سنڌ جي ھارين ۽ ماھيگيرن کي ايمپلائيز ورڪرن وارا حق ڏنا ويا آھن پر ھن قانون کي 7 سال ٿيڻ جي باوجود به اڃا تائين عمل درآمد نه ٿي سگھيو آھي. آخر ۾ سڀاڳي ڀيل چيو ته اسان سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪريون ٿا ته سيرا 2013 تي جلد رولز ٺاھي سنڌ جي ھاري ۽ ماھيگيرن کي سوشل سيڪيورٽي، جيزگرانٽ، ٻارن لاءِ تعليمي اسڪالرشپ، پينشن، ڊليوري الائونس سميت سڀئي مراعتون ڏنيون وڃن. ان موقعي تي ٻيا اڳواڻ به موجودھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو