هاءِ ڪورٽ پاران ٽڪ ٽوڪ تان پابندي ختم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کي درخواستون جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪندي ٽڪ توڪ تي پابندي جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيوآهي. پي ٽي اي 30 جون تي سڄي ملڪ ۾ ٽڪ ٽوڪ بند ڪري ڇڏيو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ 28 جون تي ٽڪ ٽوڪ تي پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو هو. پي ٽي اي پابندي واري آرڊر کي واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي، پي ٽي اي اختيارين چيو ته هو 5 جولاءِ تائين شڪايت ڪندڙ جي درخواست تي فيصلو ڪندا. عدالت ڪيس جي ڪاروائي 5 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو