هاءِ ڪورٽ پاران بحريا ٽائون خلاف ڪيس داخل ڪرڻ حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڳوٺاڻڻ جا گهر ڊاهڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي بحريا ٽائون انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت بحريا ٽائون انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بابت ٻن ڏينھن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت پاران ٻن ڏينھن اندر رپورٽ ايم آئي ٽي (ميمبر انسپيڪشن ٽيم) وٽ جمع ڪرائڻ جي به ھدايت ڪئي وئي. عدالت چيو ته بحريا ٽائون انتظاميه خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جي صورت ۾ لاڳاپايل ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڳوٺ جمعو خان جي رھواسي امير علي پاران 2016 ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته بحريا ٽائون انتظاميه گھر ڊاھي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو، بحريا انتظاميه پاران گھر خالي ڪرڻ لاءِ اسان جي ٻارن ۽ عورتن کي حراسان ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو