هاءِ ڪورٽ جي خالي 9 سيٽن تي سنڌي جج مقرر ڪريو، پليجو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي اڄ سنڌ ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ وڪيل برادري ۽ سندس اڳوڻن فرم جي پاٽنرس ۽ قانون جي شاگردن طرفان آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ھاء ڪورٽ جي بينچ ۾ ھن وقت 9 ججن جون سيٽون خالي پيل آهن، سنڌ جي مختلف ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرس ۾ ھزارين ڪيسن جو بوج آھي اھي نہ پيا ھلي سگھن ۽ لکين سائل ڪيس نہ ھلڻ جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهن، سنڌ ھاء ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ ڪراچي، سنڌ ھاء ڪورٽ حيدرآباد، ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻو ء سکر بينچ ۾ ججن جو گھربل تعداد نہ ھئڻ ڪري ڪيس نہ پيا ھلي سگھن، تنھن جي ڪري ڪرمنل، سول، فيملي سائيڊ جا ھزارين ڪيس نہ ھلي سگھڻ جي ڪري ۽ تاريخون صحيح وقت نہ ملڻ جي ڪري سائل سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن، اياز لطيف پليجو چيو تہ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ڊويزنن ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد، نواب شاھ،  ۾ ھزارين قابل وڪيل موجود آهن جيڪي سنڌ ھاء ڪورٽ تي ڀرتي ٿيڻ جا اھل آھن ڳوٺاڻي سنڌ جا ھزارين شاگرد وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن اھي ڪرمنل ء سول سائيڊ تي شاندار ڪارڪردگيءَ ڏيکاري پنھنجي ڪلائينٽ جي ترجماني بہ ڪن ٿا ۽ امن امان ء قانون ۽ انصاف لاء بہ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا، اياز لطيف پليجو سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪندي چيو تہ سنڌ ھاء ڪورٽ جي 9 ججن جي خالي پيل سيٽن تي فورن لاڙڪاڻي،حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص جا قابل وڪيل ڀرتي ڪيا وڃن جيڪي قانون جي معاملي ۾ ۽ انساني حقن جي معاملي ۾ جيڪي قانون ۽ انصاف جي معاملي ۾ آزمايل آھن جن جي شاندار ڪارڪردگيءَ جا اھي ضلعا گواھ آھن. اياز لطيف پليجو چيو تہ مشرف ۽ ضياءُ الحق جي زماني قابل وڪيلن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ انھن کي ڀرتي نہ ڪيو ويو تنھن جي ڪري اھو خال پيدا ٿي ويو جنھن جي نتيجي ۾ ھن وقت سپريم ڪورٽ سڳوري ۾ ڪوبہ سنڌي ڳالھائيندڙ جج نہ آهي ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ بہ سنڌ جي اصلوڪن جي نمائندگي نہ آهي، جڏھن تہ آئين تحت ٻھراڙيءَ وارن علائقن جي ڪوٽا سٺ سيڪڙو ھئي ۽ چاليھ سيڪڙو شھري علائقن جي ڪوٽا ھئي جڏھن تہ سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ بہ سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن جي نمائندگي پنجويھ کان ٽيھ سيڪڙو نمائندگي نہ رھي آھي، ان ڪري سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن جي وڪيلن ۾ سخت بيچيني ۽ سخت احساس محروميءَ جو شڪار آهن، ان ڪري قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سپريم جوڊيشل ڪائونسل، وفاق ۽ صوبي جي قانون واري شعبن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آھي تہ سنڌ ھاء ڪورٽ جي انھن خالي پيل نون سيٽن تي فوري طور تي اھل ۽ ميرٽ تي ايندڙ قابل وڪيلن کي ڀرتي ڪيو وڃي جيئن لکين سائلن جا ڪورٽن ۾ موجود پينڊنگ ڪيس ھلي سگھن ۽ عوام جي محرومي جو عزالو ٿي سگھي. استادن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اياز لطيف پليجو کي وڪيل شاگردن پاران گلدستا پيش ڪيا ويا ۽ ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. اياز لطيف پليجو کي وڪالت جي شعبي ۾ کيس ساراهيو ويو، ان موقعي تي نوجوان وڪيلن ۽ بار جي عهديدارن ۽ اڳوڻي پراسيڪيوٽر جرنل اياز تنيو، ايڊووڪيٽ ظھور بلوچ پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو