هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر نه لڳا، احتجاج

نوشهروفيروز( رپورٽ منظور ملڪ)سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ اسپتال ۾ 95 ڊاڪٽرن پاران پگھار کڻڻ باجود 65 ڊاڪٽرن کي وزارت موڪلڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف  اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا زوردار نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن محمد يونس راڄپر، خادم سيال، مھر وسطڙو، قاری محمد اشرف ڀرٽ، مخمد رمضان مڱڻيجو، غلام حسن ،سچل چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. جيڪي ڊاڪٽر مقرر آھن. غريب بيمار مريضن کي نوابشاه ريفر ڪيو وڃي ٿو. ياد رهي ته گذريل سال اسپتال ۾ لڳل وينٽيليٽر نوابشاهه منتقل ڪيا ويا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو