هاءِ رسڪ الائونس ڏيڻ ۽ سنڌ حڪومت ۾ زم ڪرڻ لاءِ احتجاج

جان محمد سوسائٽي(ن سنڌيار)  بيسڪ ھيلٿ يونٽ صالح مھر ۾ پي پي ايڇ آءِ ملازمن جو  ھاءِ رسڪ الائونس ڏيڻ ۽ گورنمينٽ ۾ زم ڪرڻ لاءِ ڊسپينسر عبدالرشيد چاچڙ، نيوٽريشن اسسٽنٽ احمد علي مھر جي اڳواڻي ۾ احتجاج، ڪرونا ۾ رسڪ الائونس ۽ گورنمينٽ ۾ زم ڪرڻ جو مطالبو، اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته اسين ڏھن سالن کان غريب عوام جي خدمت ڪري رھيا آھيون اسين گورنمينٽ سان ھر موڙ تي گڏ بيٺل آھيون،ڀلي سنڌ ۾ ٻوڏ اچي،زلزلا ھجن ،ماتم ھجي، حادثا ھجن،ڪرونا جھڙي خطرناڪ وبا يا ٻئي ڪا به ايمرجنسي ھجي اسين سر تري تي رکي ڪم ڪري رھيا آھيون، سدائين موت جي منھن ۾ آھيون ،اسان کي رسڪ الائونس گھٽ ملي، سرڪاري ملازمن کي الائونس 17000 ھزار ۽ پي پي ايڇ آء ملازمن کي صرف 1200 رپيه ڏنا ٿا وڃن، اسين  وزير اعلا سنڌ  ۽ ٻين اعلا عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان کي گورنمينٽ ۾ زم ڪري ۽ رسڪ الائونس ڏئي ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو