ن ليگ اڳواڻن جون ضمانت واريون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن خواجه آصف ۽ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر جون ضمانت واريون درخواستون جون جي پهرين هفتي ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن جنهن تي جسٽس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندو.اڳوڻي دفاع واري وزير خواجه آصف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ ضمانت واري درخواست داخل ڪري رکي آهي. ان جي درخواست جي ٻڌڻي پهرين جون تي ٿيندي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ۾ 29 ڊسمبر تي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو. هو نيب کي اڳ ئي رڪارڊ فراهم ڪري چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر وٽ به اثاثن جا سمورا تفصيل موجود آهن.ٻئي طرف ڪيپٽن(ر) صفدر جي عبوري ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 3 جون تي ٿيندي. هن آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت لاءِ رابطو ڪري رکيو آهي ۽ ان جو موقف آهي ته کيس سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بنايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو