نيپرا پاران بجلي جو اگهه پوڻا پنج روپيا في يونٽ وڌائڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ آڪٽوبر ۾ 4 رپيا 74 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بجلي جي قيمتن جي مد ۾ صارفين کان 60 ارب رپيا روينيو حاصل ٿيندو. اهو فيصلو نيپرا جي چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي صدارت هيٺ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي درخواست تي عوامي ٻڌڻي جي پڄاڻي تي ڪيو ويو. درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي 4 رپيا 75 پئسا اضافي فيول لاڳت جي مد ۾ وصولي جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ مهيني 61 ارب رپيا حاصل ڪيا وڃن. نيپرا ڪيس جي آفيسرن نشاندهي ڪئي ته ايل اين جي جي کوٽ سبب 1.69 ارب رپين جو اضافي بار ٿيو ۽ 1.77 ارب رپين جي اقتصادي ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي آهي. سي پي پي اي جي ترجمان واضح ڪيو ته پاور ڪمپنين آڪٽوبر لاءِ روزانو 700 ملين اسڪوائر فوٽ گيس ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر مجموعي طور تي 606 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي وئي. نيپرا عملدارن جو چوڻ هو ته فرنس آئل مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ آڪٽوبر جي حوالي سان قيمت 0.2 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي هئي پر اها قيمت 11 سيڪڙو ۽ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 25 سيڪڙو رهي، جنهن ۾ ڪوئلي تي هلندڙ ڪجهه پاور پلانٽس به شامل آهن. حب پاور جي 6 مهينن کان وڌيڪ بندش 15 سيڪڙو هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مخلوط فيول مان بجلي جي پيداوار سبب 44 ارب رپيا فيول جي اضافي قيمت ادا ڪئي وئي جڏهن ته باقي واڌو تيل جي عالمي قيمتن ۾ واڌ سبب ٿيو. ان کان علاوه تيل  جي هن لاڳت ۾ ماضيءَ ۾ لڳ ڀڳ 5.20 ارب رپين جون دعوائون به شامل آهن. اها نشاندهي ڪئي وئي ته آڪٽوبر 2021 ۾ بجلي جي پيداوار اندازي کان 18 سيڪڙو وڌيڪ هئي ۽ گذريل سال جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ هئي، جڏهن ته، اهو واضح ناهي ته ڇا اهو صنعتي امدادي پيڪيج جي لحاظ کان معمولي واڌ آهي. نيپرا اختيارين چيو ته جيڪڏهن تيل جي قيمتن ۾ ايترو تيز اضافو صنعت کي سستي توانائي جي فراهمي جي طلب ۾ واڌ جو سبب آهي ته ان جو فوري طور تي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. نيپرا ان معاملي کي پاڻ ڏسڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سي پي پي اي کي به چيو ته هو ان حوالي سان نظرثاني ڪري. ڇو ته اهو حڪومت جو گڏيل فيصلو آهي. ريگيوليٽر خدشو ظاهر ڪيو ته تيل جي قيمتن ۾ ايتري وڏي واڌ جو خميازو صارفين کي برداشت ڪرڻو پوندو، جڏهن ته پاور ڊويزن هڪ وڏو اسٽيڪ هولڊر هجڻ جي باوجود عوامي ٻڌڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جي زحمت ئي نه ڪئي. ريگيوليٽر هڪ وڏي 600 ميگا واٽ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽ جي لڳ ڀڳ ڇهن مهينن تائين دستيابي تي به سوال ڪيو، ۽ اهو واضح ناهي ته ڇا اهو بجليءَ جي ڪري هو، جيئن اسپانسرز طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين طرفان سي پي پي اي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪمپنيون آڪٽوبر ۾ صارفين کان 5 رپيا 17 پئسا في يونٽ بجلي وصول ڪري رهيون آهن، جڏهن ته فيول جي اصل قيمت 58 سيڪڙو کان وڌيڪ 9 رپيا 93 پئسا في يونٽ هئي. ان ڪري صارفين کان 4 رپيا 75 پئسا اضافي وصول ڪيا وڃن، ڪجهه تبديلين کانپوءِ نيپرا پيٽرول جي قيمت 4 رپيا 74 پيسا مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو. ريگيوليٽر جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ايندڙ بلنگ مهيني يعني ڊسمبر ۾ سڀني صارفين تي وڌيڪ بجلي جا اگهه لاڳو ڪيا ويندا، سواءِ انهن صارفين جي جيڪي هر مهيني 50 يونٽ کان گهٽ استعمال ڪن ٿا. آڪٽوبر ۾، هائيڊرو پاور جي پيداوار 25.48 سيڪڙو جي تخميني کان 23.26 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي. سي سي پي اي موجب، گذريل مهيني سمورن ذريعن مان بجلي جي ڪل پيداوار 11,296 گيگا واٽ هئي، جنهن جي لاڳت 20 ارب رپيا هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو