نيوي ۾ مهاڻن جي ٻارن کي روزگار ڏيو، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته صوبي جي ماڻهن لاءِ اهو اعزاز آهي ته نيول چيف جو تعلق ضلع سانگهڙ سان آهي. پاڪستان نيوي جي سربراهه جي حيثيت سان توهان جو مقرر ٿيڻ اسان جي نئين نسل لاءِ انسپائريشن آهي جيڪي فوج خاص طور تي پاڪستان نيوي ۾ شامل ٿيڻ چاهيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئين نيول چيف جي سربراهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نيول چيف وڏي وزير سان سانگهڙ ۾ پنهنجي زندگي ۽ ابتدائي ڄمار ۾ جدوجهد جا تجربا ونڊيندي چيو ته هو پنهنجي اباڻي ضلعي جي عوام جي خدمت لاءِ ڪوشش جاري رکندو. ان تي سنڌ جي وڏي وزير کيس هدايت ڪئي ته هو سانگهڙ ۾ هڪ بهترين ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرڻ ۽ سانگهڙ ڪيڊٽ ڪاليج کي بهترين مقام ڏيڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندو. نيول چيف سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. وڏي وزير چيو ته اسان جا مهاڻا سمنڊ سان چاهه رکندڙ آهن ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي اتي زندگي بسر ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته اهي پنهنجن لذيذ کاڌن ۾ عربي سمنڊ جي لهرن مان مڇيءَ ڪڍندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مهاڻن جي ٻارن کي پاڪستان نيوي ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. نيول چيف، سنڌ جي وڏي وزير جي تجويز کي ساراهيو ۽ کيس اهڙو نظام ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تحت مهاڻن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير نيوي چيف کي صلاح ڏني ته ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين مختلف جيٽيز ۽ ننڍن ٻيٽن تي تفريحي سرگرميون پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ان تي نيول چيف سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته قوم جي وسيع مفاد ۾ انهن تجويزن کي عمل ۾ آندو ويندو. وڏي وزير ايندڙ مهمان کي اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ سندس يادگار روايتي تحفا پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو