نيوي ڪلب سيل ڪريو، تجارتي سرگرمين بابت جواب ڏيو،عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) راول ڍنڍ جي ڪناري تي غيرقانوني اڏاوتن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نيوي جي سيلنگ ڪلب جي تعمير سيل ڪرڻ ۽ معاملو ڪابينه ۾ اٿارڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Photo Twitter

ٻڌڻي دوران نيوي جي نمائندي جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ته چيف جسٽس کيس چيو ته اوهان جي قربانين جو قدر آهي پر هن عدالت سميت ڪير به قانون کان مٿانهون نه آهي، عدالت چيو ته اسانکي مطمئن ڪريو ڪهڙي اختيار هيٺ نيوي تجارتي سرگرميون پئي ڪري. جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هو عدالت کي مطمئن ڪندو، جنهن تي چيف جسٽس چيس وڃو اڳ ۾ عيرقانوني نيول لکب کي سيل ڪريو. عدالت هدايت ڪئي ته وزارت داخله سي ڊي اي معرفت ڪلب سيل ڪري ۽ جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته 30 جولاءِ تي ڪابينه سيڪريٽري عدالت ۾ پاڻ حاضر ٿئي.

Photo Twitter

ٻڌڻيءَ دوران سي ڊي اي جي بورڊ جي ميمبر اعتراف ڪيو ته نيوي سيلنگ ڪلب جي وزيراعظم کان اجازت ورتي وئي هئي، سي ڊي اي کان منظور ٿيل نه آهي، ان ڪري عمارت جي قانوني يا غيرقانوني هجڻ بابت هو راءِ نٿو ڏئي سگهي، چيف جسٽس اطهر من الله سي ڊي اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته وڃو غيرقانوني عمارت کي ڊاهي پٽ ڪريو، خبر آهي ته غريب ماڻهن سان سي ڊي اي وارا ڇا ڪندا آهن، اهڙو ٻٽو معيار ڇو آهي؟ عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي معاملو وفاقي ڪابينا ۾ اُٿارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسلام آباد ڪو قبائلي علائقو نه، پر وفاقي گادي وارو شهر آهي.

Photo Twitter

ڇو نه سي ڊي اي چيئرمين ۽ بورڊ جي ميمبرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت پڇو ته نيول ڪلب خلاف سي ڊي اي ڇا ڪيو آهي ته سندن وڪيل چيو ته نيوي وارن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن. ياد رهي ته راول ڊيم ڪناري تازو نيوي وارن تجارتي مقصد لاءِ شاندار ڪلب جو افتتاح ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو