نيوزيلينڊ نميبيا کي 52 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

دبئي(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ سپر 12 جي ميچ ۾ نميبيا کي 52 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. نميبيا ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، شروع ۾ نيوزيلينڊ جا بيٽسمين پريشان ٿيا ۽ وڏو اسڪور نه ڪري سگهيا هئا پر آخري 4 اوورز ۾ هنن 4 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنز اسڪور ڪري 164 جو ٽارگيٽ ڏنو. جمي نيشام 35 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهي نمايان رهيو ۽ پليئر آف دي ميچ بڻيو، گلين فلپس 39 رنز ٺاهيون ۽ ڪين وليمسن 28 رنز ٺاهيون. نميبيا جي اوپنرز جارحاڻي انداز ۾ شروعات ڪئي ۽ هڪ موقعي تي ايئن لڳو ته هو کٽي ويندا. نيوزيلينڊ جي بالرن همت نه هاري ۽ تڪڙيون وڪيٽون وٺي گيم تي ڪنٽرول ڪيو ۽ نميبيا مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 111 رنز ـاهي سگهي. برنارڊ شولز، گِرهارڊ اِرسمُس ۽ ڊيوڊ ويزي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. نميبيا پاران مائيڪل وَين لنِجن 25، زين گرين 23 ۽ اسٽيفن بارڊ 21 رنز ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو