نيوزيلينڊ خلاف 20 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستان 20 رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سرفراز احمد، صهيب مقصود، حارث سهيل، سلمان آغا اسڪواڊ ۾ سليڪٽ نه ٿي سگهيا. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم  اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد ۽ خوشدل شاهه جي واپسي ٿي آهي. نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي، آل رائونڊر محمد وسيم جونيئر، لَيگ اسپنر زاهد محمود ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد حارث کي پهريون ڀيرو قومي ون ڊي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو پر کيس موقعو نه ڏنو ويو. نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اعلانيل اسڪواڊ  ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، امام الحق، فخر زمان، خوشدل شاهه، افتخار احمد، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر)، سعود شڪيل، فهيم اشرف، حسن علي، حارث رئوف، محمد حسنين، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، شاهين آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي، عثمان قادر ۽ زاهد محمود شامل آهن.

سيد ناصر شاهه چيو آهي ته ٽيم ۾ حيدرآباد، دادو ۽ لاڙڪاڻي واسي رانديگرن کي موقعو ڏيڻ سٺي ڳالهه آهي پر هن اهو ناهي ٻڌايو ته اهي ڪهڙا پليئر آهن. نيوزيلينڊ جي ٽيم 11 سيپٽمبر تي پاڪستان پهچندي 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندي. ون ڊي راولپنڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جا سڀ ميچ لاهور ۾ ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو