نينگر کي کنڀڻ جو الزام، جوابدار گرفتار، جاچ ڪريون پيا، پوليس

ڏھرڪي(رپورٽ اسد غفور ڀٽو)ڳوٺ ڪٽا ميراڻي واسي نينگر اڪرم ميراڻي کي موٽر سائيڪل سوار ٻن جوبدارن پاران مبينه طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نينگر جي دانهن تي سندس وارثن پهچي ٻن جوبدارن غلام نبي ڀٽو ۽ شاهد دايو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ان موقعي تي اغوا ٿيڻ کان بچي ويل نينگر اڪرم ميراڻي ٻڌايو ته  مونکي نامعلوم ماڻهن فون ڪال ڪري چيو ته اسان تنهنجا دوست پيا ڳالهايون ۽ اسان  شهر جي ڏهر واهه پل تي بيٺل آهيون تون اسان کي پل تي ملي وڃ ڇو جو تو ۾ اسان جو ضروي ڪم آهي هن چيو ته اهڙي ڪال بابت آئون پنهنجي وارثن کي ٻڌائي ڪجهه مائٽ وٺي انهن جي ٻڌايل جڳهه تي پهتس ته انهن مونکي موٽر سائيڪل تي کنڀي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهنجي دانهن تي وارثن پهچي مونکي اغوا ٿيڻ کان بچائي ٻن جوبدارن غلام نبي ڀٽو ۽ شاهد دايو کي سوگهو ڪري کين مارڪٽ ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته جوبدارن ٻڌايو ته اسان مٿان نينگر اڪرم کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جا الزام بي بنياد آهن هو دوست آهي هن پاڻ فون ڪري گهرايو هو. پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو