نينگري کي ڏاڍائي بعد ساڙي ماريندڙ جوابدار کي عمرقيد جي سزا

حيدرآباد(ن سنڌيار)عدالت نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائي باه ڏيئي ساڙي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدار مولابخش کي عمر قيد جي سزا سان گڏ عدالت هڪ لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو . 2004ع ۾ ڦليلي واري علائقي ۾ جوابدار 7 ورهين جي نينگري آصفه مڪراني کي اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ معاملي کي لڪائڻ لاءِ نينگري جو لاش ڪچرا ڪونڊي ۾ رکي باه ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو. ڦليلي ٿاڻي تي نينگري جي ڏاڏي ڀينڊور مڪراني جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو