نيشنل يوٿ فورم پاران 1200 ڪتاب پبلڪ لائبريري انچارج حوالي

نوشهروفيروز(رپورٽ منظور ملڪ)نيشنل يوٿ فورم پاران غلام مجتبيٰ پبلڪ لائبرري نوشهروفيروز لاءِ 1200 کان وڌيڪ سي ايس ايس، پي سي ايس، قانون، فرسٽ ايئر انٽر ڪورس، گريجوئيشن، ڪمپيوٽر، انگلش، ايم ڪوئيٽ، اي ڪوئيٽ، جنرل ناليج، سنڌي انگلش اردو تاريخ تي مشتمل ڪتاب لائبرري انچارج جي حوالي ڪيا. ان موقعي تي نيشنل يوٿ فورم جي چيئرمين حسنين رضا ميمڻ چيو ته اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته هن لائبرري جيان سڄي سنڌ جي لائبررين کي ڪتابن جي تحفي سان نوازيون هي وقت علم ۽ ادب جو وقت آهي جيڪي قومون تاريخ، تحقيق ۽ تمدن کان اڻ واقف هونديون آهن اهي تباهي ڪناري پهچي وينديون آهن ان لاءِ نوجوان نسل کي لائبررين جو رُخ ڪرڻ گهرجي. هيڊ آف ڊائريڪٽر شاهه زيب ڏهراج چيو ته اسان هي شروعات نوجوان نسل کي ڏيارڻ لاءِ نوابشاهه کان شروع ڪئي آهي اڄ نوشهروفيروز جي لائبرري کي 12 سئو کان وڌيڪ ڪتابن جو عطيو ڪيو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ لائبررين کي علمي خزانو مهيا ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن نوجوان نسل باشعور بڻجي سگهي. لائبرري انچارج گل مورو چيو ته نيشنل يوٿ فورم جي نوجوانن 1200 کان وڌيڪ علمي، ادبي، تاريخي ۽ جديد ڪتاب مهيا ڪري لائبرري ۾ پڙهندڙ شاگردن کي بهترين تحفو ڏنو آهي اهڙيون ڪوششون رهيون هي ساهتو پرڳڻو ٻيهر علم جي روشني سان روشن بڻجي پوندو اڃا به سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ۽ ادارن کي اپيل ڪيان ٿو ته لائبرري لاءِ وڌ کان وڌ ڪتاب مهيا ڪيا وڃن ته جيئن نوجوان نسل اڳتي وڌي منزل ماڻي سگهي. ان موقعي تي پريس ڪلب نوشهروفيروز جي جنرل سيڪريٽري مشتاق حسين مري، نيشنل يوٿ فورم ضلع نوشهروفيروز جي تابش ميمڻ، طلحه عرفان، انيل ڪمار، جاني ميمڻ، معشوق لاشاري ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا ۽ لائبرري ۾ پڙهندڙ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪتاب مهيا ڪندڙن کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا

پهنجو تبصرو موڪليو