نيشنل بئنڪ انتظاميا جي ناروا سلوڪ خلاف احتجاج

ٺٽو (جاويد لطيف ميمڻ) نيشنل بئنڪ مڪلي جي آفيسرن پاران واپڊا ملازمن سان ناروا سلوڪ ۽ تدتميزي ڪرڻ واري عمل خلاف حيسڪو ملازمن جو احتجاج، انصاف جو مطالبو. ان سلسلي ۾ واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين ٺٽو پاران نيشنل بئنڪ مڪلي جي آفيسرن پاران حيسڪو ملازمن سان نارواسلوڪ ڪري ساڻن بدتميزي ڪرڻ واري عمل خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو نيشنل بئنڪ مڪلي آڏو ملازم اڳواڻن وحيد رند، منورعلي تارو، بازمحمد ڀيو، رحمان خان، ڪامران جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ حيسڪو ملازم ڪامران واپڊا آفيسرن جي ھدايت تي سرڪاري چيڪ بئنڪ مان ڪيش ڪرائڻ لاء آيو تہ ساڻس بئنڪ جي ڪيشر سليم جمالي بلاجواز بدتميزي ڪئي، جنھن جي شڪايت بئنڪ جي ٻين عملدارن کي ڏني پر انھن ساڻس ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪرڻ بجاء کيس ئي بئنڪ مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو آھي، جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ حيسڪو ملازم سان ناروا سلوڪ ڪري بدتميزي ڪندڙ ڪيشر جي زبان کي لغام ڏيئي کيس فورن ھن بئنڪ تان ھٽائي حيسڪو ملازم سان انصاف ڪري صارفين سان بھتر رويو اختيار ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف بئنڪ عملي صحافين کي پنھنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو