نيب کي هر حال ۾ بي نقاب ڪندس،سليم مانڊوي والا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهو ٽو) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته سينيٽ ڪنهن فرد هڪ ماڻهو لاءِ ڪم ناهي ڪندو. هاڻ مقابلو سينيٽ ۽ نيب جو آهي. ان کي هر حال ۾ بي نقاب ڪنداسين.سليم مانڊوي والا پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سينيٽ اجلاس گهرائڻ جي ريڪوزيشن تيار ڪري ورتي. اجلاس ۾ نيب وٽ گرفتاري دوران ٿيندڙ فوتگين تي به ڳالهيون ٿيون. فوت ٿي ويلن جي وارثن کي سينيٽ ۾ گهرائينداسين. پوري پاڪستان کي گرفتار ڪريو  ڪنهن تي ڪوبه فرق نٿو پوي. سمورن پلي بارگين وارن کي به گهرائينداسين انهن کان پڇينداسين ته اهو ڪيئن ٿيو. نيب جيان ڳجهي ڪمري ۾ جاچ نه ڪنداسين.هن دعويٰ ڪئي آهي ته نيب ظلم ڪيا، هنن وٽ گرفتاري دوران مانهو فوت ٿيا. نيب کي ايڪسپوز ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ سينيٽر گڏ آهي. نيب جي اسٽاف جون ڊگريون چيڪ ڪنداسين.  سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هوته نيب جي اداري ۽ آفيسرن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. هي مقابلو سليم مانڊوي والا ۽ نيب جو ناهي. سنيٽ ۽ نيب جو آهي. سينيٽ نيب اهلڪارن جا اثاثا به چيڪ ڪندي.واضح رهي ته نيب جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته جوابدارن سليم مانڊوي والا ۽ اعجاز هارون عبدالغني مجيد سان شڪي ڊيل ڪئي.سليم مانڊوي والا ۽ اعجاز هارون جعلي اڪائونٽ ذريعي 14 ڪروڙ روپيه وصول ڪيا. ڏوهه جي رقم  مان اعجاز هارون 8 ڪروڙ ۽ سليم مانڊوي والا 6 ڪروڙ وصول ڪيا.نيب طرفان جاري ڪيل بيان موجب سليم مانڊوي والا ڏوهه جي رقم کي لڪائڻ جي لاءِ مانڊوي والا بلڊرز جو اڪائونٽ استعمال ڪيو. اداري جاچ شروع ڪئي ته ڏوهه جي رقم کي قرض ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.سليم مانڊوي والا ڏوهه جي رقم مان ملازم عبدالقادر شواني جي نالي پلاٽ خريد ڪيا. نيب موجب سليم مانڊوي والا پلاٽ وڪرو ڪري ان رقم مان ٻئي ملازم جي نالي شيئر خريد ڪيا. سليم مانڊوي والا منگلا ويو جا 30 لک شيئرز 3 ڪروڙ روپين ۾ خريد ڪيا. جوابدار پنهنجي صحيحن سان ملازم جي نالي شيئر خريد ڪيا.لکين شيئرز جو مالڪ سليم مانڊوي والا جو ملازم طارق اصل ۾ بي ناميدار آهي. جوابدار جو جواب ڏيڻ جي بجاءِ سليم مانڊوي والا بزنس ڪميونٽي جي پويان لڪي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو