نيب چيئرمين کي ٿورو به حيا شرم آهي ته مستعفي ٿي وڃي، بلاول

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيوآهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد نيب جي باقي رهڻ جو ڪو به جواز  ناهي ۽ چيئرمين نيب کي جيڪڏهن ٿورو به شرم ۽ حيا آهي ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته سياسي ڌريون اڳ ۾ ئي چئي رهيون هيون ته نيب سياسي وفاداري بدلائڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو پر هاڻي سپريم ڪورٽ به چئي ڇڏيوآهي ته نيب سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ نيب، ڪٺ پتلي سياسي جماعتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جو احتساب ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نيب جهڙي غير جمهوري ۽ غير آئيني اداري کي تالو هڻڻ گهرجي. هن عدالتي حڪم پڙهندي چيوته ڇا هن کانپوءِ نيب جي ڪا قانوني حيثيت آهي، پي پي جو منڍ کان موقف رهيو هو ته هي هڪ فوجي آمر جو  ٺاهيل قانون آهي جنهن جو مقصد سياسي انجنيئرنگ لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو