نيب پي آءِ اي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري سرڪاري زمين تي قبضي جي الزام هيٺ پي آءِ اي آفيسر علي مير ملاح کي گرفتار ڪري ورتو. نيب ذريعن موجب ڪراچي جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري پي آءِ اي آفيسر علي مير ملاح کي گرفتار ڪيو ويو. نيب ذريعن موجب جوابدار کي سرڪاري زمين تي قبضي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار علي مير ملاح سجاول ۾ 80 ايڪڙ سرڪاري زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي، پيٽرول پمپ ۽ ٻيون اڏاوتون ڪرايون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو