نيب پاران ڪرپشن ڪيسز ۾ 6 نوان ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ٿيل اجلاس ۾ 6 ڪرپشن ڪيسز ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اومني گروپ آف ڪمپنيز جي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالغني مجيد ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو. هن ڪيس ۾ جوابدارن تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ 7 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضي جوالزام آهي. بيان موجب سنڌ جي خصوصي اپائن واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز احمد خان سوڌو ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي. هن ڪيس ۾ جوابدارن تي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي پاڻي فراهمي جون اسڪيمون من پسند ماڻهن کي ڏيڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي 29.25 ملين جو نقصان پهتو. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ اسلام آباد جي اداري “سي ڊي آي” جي اڳوڻي ڊائريڪٽرغلام سرور سنڌو خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي. جڏهن ته ڪي ايم سي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر محمد حسين سيد خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. پڌرائي موجب محمد حسين سيد تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي فلاحي مقصدن لاءِ مخصوص پلاٽ غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي. هن تي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو