نيب پاران آصف ۽ بلاول کي نوٽيس جاري 20 مارچ تي پيشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميگا مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ نيب راولپنڊي سابق صدر آصف علي ۾زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهي نوٽيس نيب راولپنڊي جاري ڪيا آهن ۽ جواب ڏيڻ لاء ٻنهي اڳواڻن کي 20 مارچ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نيب طرفان مقرره تاريخ تي سوال نامو پيش ڪيو ويندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو مان جيڪو به نيب ٽيم جي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، ان صورت ۾ مطمئن نه ڪندڙ ماڻهو کي گرفتار ڪري سگھجي ٿو. واضح رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ به کين نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي جمع تي صبح جو ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدرآصف علي زرداري ۽ ٻين خلاف ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ۽ ٻين جون عبوري ضمانتون به واپس وٺي ڇڏيون هيون. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ سمورن جوابدارن جي ضمانت واري رقم به خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن بعد سابق صدر ۽ ٻين جي گرفتاري جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو. فيصلي ٻڌائڻ وقت سابق صدر جو  وڪيل فاروق ايڇ نائڪ عدالت ۾ موجود هو، ان موقعي تي عدالتي احاطي اندر توڙي ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. فاروق نائڪ جو چوڻ هو  ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن جي قبل از گرفتاري ضمانتن ۽ ڪيس جي اسلام آباد منتقلي واري فيصلي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪبو.

پهنجو تبصرو موڪليو