فوج سان ٿيل ٽرانزڪيشن جعلي ڪيئن؟ الزامن جو نيب چيئرمين نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو) نيب چيئرمين ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا جي الزامن جو نوٽيس وٺندي ڪيس جو لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، وزيراعظم عمران خان، وزير قانون بيريسٽر سيف ۽ نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال کي خط لکيو هو جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته نيب پارليامينٽ ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. نيب جون ڪارروايون ڳڻتي جوڳيون آهن. واپارين کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. سليم مانڊوي والا الزامن تي نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال نوٽيس وٺندي نيب راولپنڊي سان لاڳاپيل ڪيس جو رڪارڊ فوري طور تي طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته نيب چيئرمين ڪيس  جو قانوني جائزو وٺڻ ۽ ٻئي حڪم اچڻ تائين ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيب چيئرمين جو چوڻ آهي ته  سمورا پارليامينٽرين جو قانون موجب احترام ڪريون ٿا. ڪيس جو قانون موجب جائزو ورتو ويندو. جانچ پڙتال کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته  ڪيس تي وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻي آهي يا نه. نيب قانون موجب سليم مانڊوي والا آهي ان جو موقف به وٺندو.نيب چيئرمين ڪورونا دوران ڪنهن اسپتال کان رڪارڊ نه طلب ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪندي چيو هو ته نيب جو علاقائي بيورو ڪنهن به اسپتال مان ڪيس جو رڪارڊ طلب نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو