نيب شاهد خاقان عباسي جو 14 ڏينهن جو وڌيڪ رمانڊ وٺي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب احتساب عدالت مان اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو 14 ڏينهن جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب کي هدايت ڪئي ته جلدي جاچ مڪمل ڪريو ۽ 29 آگسٽ تي کيس ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. شاهد خاقان عباسي کي نيب ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ مٿس الزام آهي ته هن ڄاڻي واڻي نجي ڪمپنين کي اربين روپين جو فائدو پهچايو ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچايو.

پهنجو تبصرو موڪليو