نيب زرداري جي پارڪ لين ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پارڪ لين پراپرٽي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. هن ڪيس ۾ سندس گرفتاري وارنٽ اڳ ۾ ئي جاري ٿيل هئا. امڪان آهي ته هن ڪيس ۾ جسماني رمانڊ لاءِ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. هن کي نيب جعلي اڪائنٽس ڪيس ۾ 10 جون تي گرفتار ڪيو هو. هن مٿان توشه خانه، بلٽ پروف گاڏين ۽ پارڪ لين ڪيس آهن، جن ۾ هن ضمانت جون درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون هيون پر اوچتو هن 26 جون تي اهي واپس وٺي ڇڏيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو