نيب پاران طلبي بعد شرجيل ميمڻ جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب راولپنڊي پاران روشن سنڌ پروگرام ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي نوٽيس جاري ڪندي 6 جولاءِ اڱاري تي رڪارڊ سوڌو جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. شرجيل ميمڻ گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ورتي. هن ترت سماعت جي درخواست ڏئي ڇڏي. جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس بابر ستار تي مشتمل بينچ نيب کي کيس گرفتار ڪرڻ کان منع ڪندي آگسٽ جي پهرين هفتي تائين عبور ضمانت منظور ڪري ڇڏي. سندس وڪيل لطيف کوسه چيو ته ڪيس جي فيصلي تائين ضمانت ڏيو. نيب جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ روشن سنڌ منصوبي ۾ رشوت وٺڻ ۽ غيرقانوني طور رقم منتقل ڪرڻ ۾ ملوث آهي، نيب راولپنڊي پهرين به کيس طلب ڪيو هو پر شرجيل ميمڻ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس سبب پيش ٿيڻ کان معذرت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو