نيب ختم ڪريو، ججز ۽ جرنيلن جو به احتساب ڪريو، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان جي حڪومت جيترا اين آر او جاري ڪيا آهن اچ تائين ڪنهن فوجي آمر به ايترا جاري ناهن ڪيا. اهڙو اظهار پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري قومي اسمبلي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت غيرملڪي جاسوسن، دحشتگردين، ڦورن ۽ لٽيرن کي اين آر او ڏنا آهن. دهشتگرد احسان الله احسان کي اين آر او ڏئي آزاد ڪيو ويو، ڪنهن کيس گرفتار ڪيو ڪنهن جي حراست مان فرارا ٿيو، اسان کي مليل ڌمڪين کي ڇڏيو گهٽ ۾ گهٽ ۾ اي پي ايس اسڪول جي ٻارن تي ته رحم ڪريو. هن چيو ته اٽي، کنڊ ۽ تيل چورن کي به اين آر او ڏنو ويو، هاڻي وري ڀارتي جاسوس ۽ دهشتگردي ڪلڀوشن ياديو کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪلڀوشن جي حوالي سان آرڊيننس تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي، وزيراعظم پنهنجي هر بيان ۾ دهشتگردن جي مخالفت نه ڪئي، قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو جي خطاب بعد اپوزيشن ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا. بلاول ڀٽو چيو ته اپوزيشن اڄ ڪلڀوشن بابت آرڊيننس مدو پورو ٿيڻ بعد اسمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي حڪومتي ڪوشش ناڪام بڻائي آهي. هن چيو ته مان عمران خان تي تنقيد ٿو ڪريان جواب احسان الله احسان ٿو ڏئي، هي ڪهڙو ڳٺ جوڙ آهي؟ جهانگير ترين، بي آرٽي، مالم جبه اسڪينڊل وارن کي به اين آر او مليو. هن چيو ته سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نيب غيرآئيني ادارو ٿي ويو، احتساب جو اهڙو ادارو آڻڻ گهرجي، جيڪو اپوزيشن سان گڏ حڪومت، ججز ۽ جرنيل جو به احتساب ڪري، پ پ چيئرمين پي ٽي آءِ سرڪار کي نيب ختم ڪري احتساب جو نئون ادارو قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو