نيب حملو، جکراڻي سميت 250 ماڻهن خلاف ڪيس داخل

جيڪب آباد(ن سنڌيار) صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي گھر تي نيب ڇاپي دوران حملي جو آخر ڪار ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سول لائن پوليس ايف آءِ آر ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي، مجيب جکراڻي، رافع جکراڻي سميت سندس ٻين رشتيدارن جا نالا شامل نه ڪيا، پوليس پاران داخل ايف آءِ آر ۾ ظفر ٻرڙو، تعليم کاتي جو ملازم خادم ڀٽو، وسيم جکراڻي سميت 250 اڻڄاتل شامل آهن، نيب پاران صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي چرچ تي سندس پٽ رافع جکراڻي، خادم ڀٽو، ظفر ٻرڙو سميت 2000 اڻڄاتل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست پوليس کي ڏني وئي ھئي، سول لائن پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدارن جا نالا غائب آهن، ايس ايڇ او سول لائن محمد شريف مھر جو چوڻ آهي ته نيب جا عملدار ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه پھتا جنهن بعد سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو