نيب جي ڊپ سبب آغا سراج جو ڪٽنب امريڪا پهچي ويو

ڪراچي (م ڊ) ڪرپشن الزامن ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو ڪٽنب پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب نيب کي جاچ ۾ گهربل آغا سراج دراني جي گهرواري، ڌيئرون، ننهن ۽ پٽ امريڪا پهچي وياآهن. اطلاعات موجب سمورو ڪٽنب نجي اڏام ذريعي امريڪا پهتو، ڪراچي ايئرپورٽ تي روانگي وقت سنڌ جو هڪ وزير ۽ اڳوڻو ايم اين اي به موجود هئا.ڄاڻ موجب آغا سراج دراني جي گهرواري ناهيد ۽ ڌيئرن جهاز جي برنس ڪلاس ۾ سفر ڪيو، پ پ جي هڪ اڳوڻي وفاقي وزير امريڪا ۾ آغا سراج دراني جي گهرڀاتين جي ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب آغا سراج دراني جي گهرڀاتين کي طلب ڪري چڪو آهي، نيب کي ناهيد دراني، سارا دراني، شاهانه دراني ۽ ٻين گهرڀاتين کان بينڪ لاڪرز مان هٿ آيل زيورن بابت جاچ ڪرڻي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو