نيب جي هاڻي ننڍن شهرن تائين رسائي

تحرير سيد زوار حسين شاهه                                                       

پاڪستان ۾ نيب انتهائي سرگرم نظر اچي پئي  اهو ان ڪري جو جنهن طرح سان ڪرپشن ڪندڙن کي سوگهو ڪري  انهن کان لٽيل دولت فوري واپس ڪرائي ڪيس پڻ داخل ڪيا ويندا ، پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان جو  اهو پهريون  خطاب گهٽ م گهٽ مونکان نه ٿو وسري سگهي اهو ان ڪري جو هن  ڪرپشن جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي ، ان سان گڏ سفارتي تعلقات خواه دشمن ڇو نه هجي  ان سان به هٿ وڌائي سڄي دنيا کي حِيران ڪري ڇڏيو آهي ،  اهو ان ڪري جو ڀارت جي هٽ ڌرمي ڏسئون پيا ڀارت جي هي وڏي پلاننگ آهي  ته پاڪستان اندر حالات انتهائي سخت ۽ خواب  ڪيا وڃن  جيڪڏهن پيرا کڻنداسين ته اهي پيرا  به پنهنجي ئي در تي پهچندا ، برحال پاڪستان جي وزيراعظم جي اهڙن تاريخي فيصلن تي پاڪستاني قوم کيس  سلام پيش ڪري ٿي، جنهن طرح سان نيب پاڪستان اندر ڪرپشن ڪندڙن کي ني نقاب ڪري انهن خلاف ڪاروايون ڪري رهي آهي ائين پهريان ناهي ٿيو. عوام سان ڪيل واعدي مطابق  100 وڏين مڇين کي به سوگهي ڪرڻ لاء حڪمت عملي ته تيار آهي پر هٿ ڪير وجهندو. ان جو پاڪستاني قوم کي انتظار  آهي جيڪڏهن ڪرپشن جي نت نون انڪشافات تي نظر وجهون ته ان تي به حيرانگي ٿئي ٿي ، بي نامي اڪائونٽس پڻ انهن سياستدانن جي پت ظاهر ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي ان سان گڏ مني لانڊرنگ جا ڪيس پڻ هلي رهيا آهن انهي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت کي پڻ پيش ٿيڻ لاء نوٽيس جاري ڪيا ويا هيا جنهن ۾ پ پ پ چيئرمين جناب بلاول ڀٽوزرداري ، جناب آصف علي زراداري ، فريال ٽالپر سميت ٻيون به ڪئي اهم شخصيتون آهن جن کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان اندر افراتفري ڦهليل نظر اچي رهي آهي ، هڪ طرف عمران خان جو تاريخي معاشي بدحالي جو مقابلو ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف ڀارت جي منهن تي ڪرتارپور راهداري کولڻ جو اعلان بابت سنگ بنياد ۽ ڀارت ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائڻ به وڏي اهميت رکي ٿي ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ ن جو صدر شهاز شريف جنهن کي ڪئي اهم ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن خلاف پڻ تحقيقات ٿي رهي آهي ان کي به مدي نظر رکڻو پوندو  پاڪستان جنهن لاء قائداعظم محمد علي جناح ڪرپشن کان پاڪ  پر امن محبت پيار جو درس ڏيندڙ  اهو پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو ته ايندڙ وقت انتهائي مشڪل هوندو پر پاڪستان پوء به اڳتي وڌندو رهندو ان کان پوء قائدعوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي به  اهڙا ئي خواب ڏٺا هيا برحال پاڪ دشمن قوتن وڏي پلاننگ سان قائدعوام کي به عوام سان محبت جي ڪڙي سزا ڏني جو هن کي هڪ عدالتي حڪم نامي کي سامهون رکندي ان وقت جي ظالم ڊڪٽيٽر مرحوم سابق جنرل ضياء الحق  ، ذلفي  ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي چاڙهيو ويو.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوء پاڪستان اڳتي ڇو نه وڌي سگهيو ان جا به ڪيترائي سبب آهن جنهن ۾ هڪ ته پاڪستان ۾ اڪثر فوجي مارشالا لاڳو ٿينديون رهيون  ، پر مان اهو ضرور چوندس ته اهو فوجي وقت ان ڪري عوام لاء بهتر هيو جو غريب جو آواز ٻڌو ويندو هو ان جا جائز مسئلا حل ڪيا ويندا هيا ، باقي سياستدانن خلاف ان وقت به محاظ کليل هو ته هاڻي به کليل آهي  جمهوريت جي آڙ ۾ ملڪ کي لٽيندڙن جو تعداد لکن ۾ آهي ، پر تعجب جي ڳالاهه ته اڪثر سياستدانن سميت هر ان ماڻهون جنهن ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي انهن اها دولت يا ته زال جي نالي ڪئي  يا وري ڪنهن مٽ مائٽ يا نوڪر جي نالي ملڪيت رجسٽرڊ ڪري ٿو ، مان هڪ مرتبه ٻيهر سلام پيش ڪندس پاڪستان تحريڪ انصاف  جنهن سياستدانن جا پول پڌرا ڪيا آهن جنهن طرح سان  انهن جا بي نامي اڪائونٽ ظاهر ٿيا آهن ، مان توهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته جيڪڏهن هڪ ماڻهون کي ڇڏي ٻئي ماڻهون کي پڪڙي تحقيقات ڪئي ويندي ته ان مٿان به اهو ئي الزام لاڳو ٿيندو ته هن به ڪرپشن ڪئي آهي ، پاڪستان ۾ تقريبن هر اداري ۾ سياسي ڀرتي جي ڪري به ڪافي پاڪستان کي معاشي نقصان پهتو آهي نيب پاڪستان ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي  ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي پاڪستان جي قانون مطابق پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي ان خلاف تحقيقات ٿي رهي آهي ، هڪ ڳالهه مان به ڪندس ته عمران خان ان جي ٽيم اليڪشن ۾ ڪاميابي کان پوء ڪرپشن ڪندڙ 100 وڏين مڇين کي گرفتار ڪرڻ جو چيو ويو  پاڪستان جي وزيراعظم کي سلام پيش ڪيان ٿو جنهن سعودي عربيه سميت چين ، ملائيشيا ۾ به ڪرپشن جهڙي ناسور بيماري کي ختم ڪرڻ لاء انهن ملڪن کان پڻ مدد گهري چين ۾ ڪرپشن ڪندڙ کي  ڦاهي يا گولي هڻي ماريو ويندو آهي اهو ئي چين جي ڪاميابي جو راز آهي سعودي عربيه ۾ پڻ سخت کان سخت سزا آهي ، برحال پاڪستان جو وزيراعظم چاهي ٿو ته ڪجهه به ٿئي ڪرپشن ڪندڙن کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ملندي پر منهنجي ذاتي راء آهي ته پاڪستان ۾ اهو ٿيڻ ممڪن ناهي ڪجهه ڪرپشن ڪندڙن کي سزا ملندي ،  پر وائٽ ڪالر کي پڪڙي جيل ۾ وجهڻ انتهائي مشڪل آهي ، پر اهو به اڪثر چوندو آهيان ته جيڪڏهن رياست چاهي ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي ، نيب سميت اهي اداره جيڪي ڪرپشن ڪندڙن خلاف تحقيققات ڪري رهيا آهن اهي پرعزم نظر اچن ٿا ، ان جي پٺڀرائي پاڪستان سپريم ڪورٽ ڪري  رهي آهي ، وزيراعظم پاڪستان پڻ پر عزم اهي نيب چيئرمين پڻ پر عزم نظر پيو اچي پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا نيب پاڪستان سميت سنڌ جي ننڊن وڏن شهرن تائين پنهنجي رسائي ممڪن بڻائي آهي ته مان انهن جي حمايت ان ڪري ڪندس ته ها نيب سميت ٻيا اداراه سنڌ ۾ ته اندرون سنڌ جنهن ۾ ننڊڙا شهر به اچي وڃن ٿا جتي نيب ان ايڪشن نظر اچي رهي آهي پاڪستان ۾ نئين وزيراعظم نوان نوان فيصله ڪري في الحال ته پاڪستاني قوم جون دليون خريد ڪري ورتيون آهن نيب جي ڪيل ڪاروائين مان گهٽ ۾ گهٽ غريب عوام به خوش نظر اچي ٿو باقي جن ڪرپشن ڪئي آهي اهي ان جا پوئلڳ ته خوش نظر نه ايندا ، پاڪستان ۾ وڏي ڇاڻي کڻي گند صاف ڪرڻو پوندو ان لاء اڃان به توهان اسان کي انتظار جو بورڊ در اڳيان لڳرائڻو پوندو ، برحال پوء به جنهن طرح سان پاڪستان جون وزيراعظم جو وقت گذرندو پيو وڃي تئين ان جو تجربو به وڌندو پيو وڃي هي هتي عوام کي سمجهڻ ۽ سياسيتدانن جي سياست کي سمجهڻ هر هڪ جي وس جي ڳالهه ناهي جيئن عمران خان يوٽرن مٿان يوٽرن وٺي به هڪ تاريخ رقم پيو ڪري ته ضروري ناهي ته جيڪو چوان اهو سچ ثابت ٿئي اهڙي بيان کان پوء گهٽ ۾ گهٽ عوام ۾ ته بي چيني ضرور وڌندي هوندي ، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته نئين پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان ۾ هڪ ته اميد جاڳي آهي ته هو ڪجهه ڪندو ان لاء ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو جيڪڏهن  وزيراعظم عمران خان ڪرپشن ڪندڙن خلاف جيڪو محاذ کوليو آهي ان مطابق ڪم ڪري ٿو ته پوء  هو لازمي اڳئين اليڪشن ۾ به ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو مان سمجهان ٿو ته نيب جي رسائي هاڻي هر شهر تائين ٿي چڪي آهي اهو ئي سبب اهي جو پاڪستان جا پرتباڪ سياستدان گهٻراهٽ جو شڪار  ٿي چڪا آهن هن نئين پاڪستان ۾ هاڻي غلطي جي گنجائش ناهي ، ان ڪري بهتر کان بهتر اهو آهي ته پاڪستان جي آئين کي نظر ۾ رکي لٽيل دولت واپس ڪري پنهنجي گرفتاري پيش ڪن ، نه نه ٻي صورت کان هو به واقف آهن هن وقت پاڪستان جا اهم ستون جنهن ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عدالت ، پاڪ فوج ، چونڊيل حڪومت هڪ ئي پليٽ فارم تي آهن   ان ڪري هاڻي انهن سياستدان کي پنهنجا هٿ صاف ڪرڻ گهرجن  ۽ فوري لٽيل دولت واپس ڪري فائدو حاصل ڪن  ٻئي صورت ۾ ڪرپشن ڪندڙن جو لسٽون مڪمل تيار آهن ،               

پهنجو تبصرو موڪليو