نيب جو ڪردار، ڪرپشن گهٽائڻ يا مخالف هيسائڻ آهي؟

ليکڪ  سيد زوار حسين شاهه

پاڪستان ۾ نيب سميت ٻيا اداره ڪرپشن ڪندڙن  پنهنجا اثا ثه ظاهر نه ڪرڻ خلاف ريفرنس دائر ٿيندا رهن ٿا پوء قانوني آئيني هر هڪ پاڪستاني شهر کي اختيار آهي ته ڪرپشن ڪندڙن کي سزائون ملن ، لٽيل دولت واپس پڻ ٿئي ، مان عرض ڪندس ته پاڪستان م اسان توهان کي ڪيترائي ڪرپشن ڪندڙ ملندا ، اها به خبر پئجي ويندي ته ڪرپشن ۾ ڪير ڪير ملوث آهي. هن مهل تائين نيب جي ڪارواين مان لڳي ٿو ته هو سندن مقصد ڪرپشن گهٽائڻ يا روڪڻ کان وڌيڪ حڪومت ۽ اسٽينبلشمينٽ مخالفن کي هيسائڻ آهي. جنهن جا معاملا طئي ٿين ٿا ته نيب چپ ڪري ٿو ۽ جنهن جا معاملا سڌا نٿا ٿين اهي لوڙي رهيا آهن. ان بابت چٽو مثال مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻڻ کي مليل رليف آهي ۽ پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ٻن سالن کان قيد آهي اڃا نيب مڪمل ريفرنس به فائيل ناهي ڪيو.   جيڪڏهن مان پاڪستان اندر ڪرپشن جي صرف ڳالهه ڪيان ته کربين روپين جي  وڏي ٽينڪ سان هيرا ڦيري ڪئي وئي آهي جنهن تي به هن وقت جي وزيراعظم جناب عمران خان جي ڪڙي نظر آهي ، حالانڪه سياسي جنگ جي ڳالهه ڪجي ته اها به ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڪجهه به ٿئي ڪپتان کي اڳتي وڌڻ نه ڏڻو وڃي ، جڏهن ته نئين پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان اهو واضع پيغام ڏنو آهي ته  مان سمجهان ٿو ته عوام جي جهڙي ريت خدمت ٿيڻ گهرجي ناهي ٿي سگهي پر  هاڻ انشاء الله اهو قوت پري ناهي ، جلد عوام جي فلاح بهبود لاء  اعلان ڪندس ، ان ڪري مان اها به ڪوشش ڪئي آهي ته  هن پيش ڪيل بجيٽ کي فري ٽيڪس بجيٽ ڪيان جنهن تي مان ڪوشش ڪئي آهي ، پر هن وقت  نيب جهڙي ريت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي اهو به  ڪنهن کان لڪيل ناهي ، ان سان گڏ مان عرض ڪيان ته اپوزيشن به هيلا وسيله پئي ڳولهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وزيراعظم عمران خان سميت  نيب چيئرمين کي هٽائجي پر ان لاء به قانوني آئيني طريقو اختيار ڪرڻوپوندو ، پر ٻئي طرف نيب چيئرمين  هڪ وڏو محاذ به کولي چڏيو آهي ، جنهن جنهن به ايف بي آر جي آفيسر ڪرپشن ڪئي آهي يا ڪا حڪومت وقت کي نقصان پهچايو آهي  يا انهن جا اثاٿه جن لڪايا آهن انهن کي بي نقاب ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ، مان عرض ڪيان ته مان ته ڪڏهن به پنهنجي حياتي ۾ ائين ناهي ڏٺو جيئن ٿي رهيو آهي جيئن هن وقت ٿي رهيو اهي ،  جڏهن ته نيب جي چيئرمين جناب جاويد اقابل صاحب جيڪو رتائرڊ  قابل احترام جج صاحب ٿي رهيو آهي جنهن جو تمام وڏو تجربو قانون آئين کان مڪمل واقف اهو ئي سبب اسهي جو قانون دائري ۾ رهندي ڪم ڪري رهيو آهي ، ڪرپشن ڪندڙ خواه ڪير به هجي  ان کي گرفاتر ڪري ريفرنس دائر ڪري  ڪيس احتساب عدالت سڳوري ڏانهن يا عدالتن 0انهن موڪلي رهيو آهي   نيب پاران اڳوڻي ناڻي وزير حفيظ شيخ جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر عبدالله يوسف، اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر سلمان صديق ۽ ٻين تي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، مٿن قومي ناڻي کي 11 ملين آمريڪي ڊالر نقصان پهچائڻ جا الزام پڻ لڳايا ويا آهن،  نيب ڪراچي جي ڊي جي ڊاڪٽر نجف مرزا جي سربراهي ۾ نيب ڪراچي جي ريجنل بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف شڪايت، انڪوائريز ۽ جاچ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نيب ٻه ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ ٻن شڪايتن کي انڪوائريز ۾ تبديل ڪرڻ جي سفارش ڪئي، نيب جو چوڻ آهي ته قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو، تنهن ڪري لينڊ يوٽيلائيزيشن، روينيو جي آفيسرن خلاف به ڪيس داخل ڪيو وڃي، اڳوڻي ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اي ڊي او آصف ميمڻ ۽ ٻين قيمتي سرڪاري زمين کي ڀڳڙن مٺ تي غيرقانوني طور الاٽ ڪيو، نيب ڊي سي اولهه ڪراچي فياض سولنگي ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي اجازت ڏني، ملزم فياض سولنگي بدعنواني جي ڪيسن ۾ ملوث آهي. ٻئي طرف سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال خلاف شڪايت ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت اٽارني جنرل جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت جي اپيل ڪري ڇڏي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ بلڊنگ ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اٽارني جنرل چيئرمين نيب خلاف شڪايت جي ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت دليل ڏنا، اٽارني جنرل وفاقي حڪومت کان هدايتون وٺي جواب داخل ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کان پوءِ اجلاس ملتوي ڪيو ويوبرحال مان عرض ڪيان ته نيب چيئرمين جي حڪمت عملي به ڪافي سياستدانن ، سميت هر هڪ جنهن به لڪي ڪرپشن ڪئي جنهن ڪرپشن کي وڌيڪ ٺاهيل اٿاٿن کي لڪايو آهي انهن جي ته ڄڻ ننڊ ڦٽي وئي آهي  پاڪستان جي  وزيراعظم جهڙي ريت ادارن کي آزادانه ڪم ڪرڻ جو چيو آهي اهو به ڏسي دل خوش ٿي رهي آهي ، هن وقت نيب جو چيئرمين هجي يا ايف آئي اي جو هيڊ سائين ثناء الله عباسي  هجي ٽيم ساڻ ڪري  جهڙي ريت پاڪستان جي بقا آئين جي بالادستي لاء ڪم ڪن پيا  ان جو ڪو مٿال نه ٿو ملي ، مان سمجهان ٿو ته ايندر وقت اڃان هر هڪ جنهن به هن ملڪ کي لٽيو آهي جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي جهن به مني لانڊرنگ ڪري اربين رويپا ملڪ کان ٻاهر ڪنهن بين ملڪن ڏانهن موڪلي اهو سمجهن ٿا ته ڪنهن کي خبر ناهي ، ڪنهن کي خبر هجي يا نه هجي پر مان سمجهان ٿو ته ملڪ جي  وزيراعظم جناب عمران خان کي ، نيب چيئرمين ، ڊي جي ايف ائي کي ته اها خبر آهي ته هن ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته اڃان به قوت اهي ته ٿيل ڪرپشن فوري واپس ڪري ڪجهه قانوني رعايت حاصل ڪر سگهن ٿي جيڪيڏهن ائين نه ٿيو ته پوء ڪو به هجي  جنهن ڪرپشن ڪئي جنهن ملڪ سدا غداري ڪئي ملڪ خلاف ڳالهائيندا رهيا انهن جي  ته پڪڙ جلد ڏسي رهيو آهيان هن قوت درستور پاڪستان ڪم ڪري پيو ،  عوام جنهن کان سياستدانن قيمتي ووت وٺي وري جو غائب ٿين ٿا جنهن خلاف عوام ڏيئا ٻاري انهن کي ڳولهي رهيو آهي ڪنهن کان لڪيل ناهي ، ڪرپشن سياستدانن ڪرپٽ ڪامورن خلاف اڄ به سڄي پاڪستان ۾ ڪنهن نهن ڪنهن شهر ۾ احتجاج ٿين پيا ، اها الڳ ڳالهه آهي ته اڃان  مٿي ڄاڻايل ادارن کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ،  مان عرض ڪيان ته نيب ، ايف آئي اي جي پڪڙ ڌڪڙ يا انڪوائريز بعد هر هڪ انهن ادارن کان خوفزده آهي ، جنهن ڪري هو بار بار ڪرپٽ ماڻهو ڪوڪون رڙيون ڪري رهيا آهن ته ڪڪجهه به ڪيو پر اسان کي انهن ادارن کان بچايو ، هن پاڪستان جي قانون تي هڪ ڳالهه ۾ مونکي تعجب ٿي رهيو آهي ته غريب جيڪڏهن ڪڪڙ يا ماني چوري ڪري ته پوليس دسي وڃي هنندس ان لاڪپ ۾ جتي نه روشني هوندي نه پاڻي هوندو  پر هن پاڪستان ۾ جنهن اربين روپين جي  رڪشن ڪئي  يا جنهن  ملڪ سان ٺڳيون ڪري  عوام کي لٽي پيسا ٻين ملڪن ۾ موڪلي اتي ڪاروبار ڪن ٿا يا جيڪي پاڪستان م اڄ کان 10 سال ڪجهه به نه هيا اهي جلدي ارب پتي ڪيئن ٿي ويا   يا جيڪي اربين روپين جي ملڪيت رکندڙ هن وقت به ڄڻ ٽيڪس کان آجو هجي ، يا جيڪو ڪرپشن ڪري ان مٿان الزام هجن  انن  جي دولت اسان اڳيان هجي ، ان کي جيڪڏهن ڪو اداو پڪڙي ٿو ته لٽيل دولت جو حساب ڪتاب ٿئي ته  لازمي قانون آهي آئين ۾ اها گنجائش آهي ته ان لٽيري کي  ضمانت به ملي ٿي وڃي وري جيڪڏهن يبماري جو ڪو بهانو ڪري ته ان کي ٻين ملڪن ڏانهن وڃي علاج ڪرائڻ  جي اجازت به ملي وڃي ٿي ، ان ڪري مان عرض ڪندس تهق انون سخت هئڻ سان گڏ   هڪ ئي رياست ۾“ ٽي قانون لاڳو نه هجڻ گهرجن  غريب امير ، مڊل ڪلاس واري سوچ تبديل ٿيڻ گهرجي ،  مان ته اڪثر اهو به ڏٺو آهي شل نه ڪنهن خلاف نيب ،  ايف آئي يا ٻيا وس وارا  ادارن ايڪشن کڻن فوري سڄي ملڪ م واويله مچي ويندي ، سڀ سياستدان  انهن سان گڏ بيهي احتجاج به ڪندا ڪوڪون به ڪندا ته رڙيون به ڪندا جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ، ها هي پاڪستان آهي جنهن خلاف به پڪو ثبوت هوندو گواهه هوندا ان خلاف قانوني ڪاروائي به ٿيندي پر اڳتي هلي وري انهن کي ضمانت جي صورت ۾  رعايت ملي به ويندي   قانون آئين ۾ اهڙي رعايت گنجائش  موجود آهي ، بس ڏسڻو اهو آهي ته نيب  هاڻ ٻين ڪرپٽ مافيه تي ريفرنس دائر ڪري ٿي  ،  مان ته سمجهان ٿو ته هاڻ ڪيترڳو به طاقتور ڇو نه هجي ان جي پڪڙ به ٿيندي حساب ڪتاب به ٿيندو ۽ جيل به هو ويندا جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته عوام جو اعتماد هن حڪومت رياست پاڪستان يج ادارن تي نه رهندو ان لاء ضروري آهي  ڪو هر ممڪن ڪوشس ڪري جنهن به ملڪ کي نقصان ڏنو معيشت کي تباهه ڪيو ان خلاف اڃان به تيز ترين قانوني ڪاروايون ٿيڻ گهرجن.                                      zawarshah110@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو