نيب جو معاملوتڪراري نه ٿيڻ گهرجي !

جاويد احمد چانڊيو نيب جي موجوده چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي عهدي جو مدو8آڪٽوبرتي ختم ٿئي رهيو آهي،نئين چيئرمين جوانتخاب ڪرڻ لاءِ حڪومت جا اهم گڏيل اجلاس ٿئي رهيا آهن،۽حڪومتي اتحادين جماعتين سان ۽ماهر قانون بابر اعواڻ، فروغ نسيم ۽ ٻين سان مشعاورت جو سلسلوجاري آهي،نئين چئيرمين جي لسٽ ۾ جيڪي نالا ظاهرڪيا ويا آهن،اڳوڻو ڪورڪمانڊرهمايوعزيز،سپريم ڪورٽ جو سابق چيف جسٽس عظمت سعيد شيخ،موجوده ڊپٽي چئيرمين حسين اصغرشامل آهن،جڏهن ته اهو به امڪان آهي ته نيب جوچئيرمين جاويد اقبال کي ٻيهرعهدي تي برقراررکڻ لاءِ به غور ويچارهلي رهيو آهي،ان سلسلي ۾ پارلياميٽ کي مڪمل اعتماد ۾ ورتوويندو،قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سينئرقانوني ماهرن سان به مشاورت مڪمل ٿئي چڪي آهي،پ پ جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان مسلم ليگ (ن) صدر ميان شهبازشريف نيب جي چئير مين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي عهدي جي واڌ جي سخت مخالت ڪئي آهي،موجوده حڪومت جي ترجمان فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان شهباز شريف سان نئين نيب جي چئيرمين جي انتخاب لاءِ ڪو به رابطو نه ڪيو ويندو،شريف فيملي ملڪي خزانو بيدردي سان لٽيوآهي، افغانستان جي اڳوڻي صدراشرف غني ۽پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف ۾ ڪو به فرق نه آهي،ٻئي ملڪ مان ڊرامائي انداز۾ فرارٿي چڪا آهن،ملڪ جي ڪنهن به بدعنوان سان ڳالهيون نه ٿينديون،     نيب جي معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌرين ۾ وڏو اختلاف هلندڙآهي،نيب جوموجوده چيئرمين جسٽس( ر)جاويد اقبال بطورنيب سربراه جي حيثيت ۾ نيب ڪرپشن خلاف وڏو جهاد جاري رکيو،۽ڪرپٽ مافيا خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪاروائي جاري رکي، نيب جي تاريخ سازشاندارڪارڪردگي رهي،بنا ڪنهن فرق احتساب جي عمل کي عوام ساراهيو آهي،ڪرپشن ۽ڪرپٽ مافيا خلاف هر محب وطن ۽ترقي پسند سوچ رکندڙباشعورماڻهون نيب جي ڪارواين مڪمل طور حمايت ۽تائيد پڻ ڪري ٿو،70ورهين کان ملڪ کي بي دردي سان لٽيو ويو آهي، قدرتي وسائل سان مالامال تيل، گئس، قيمتي پتٿر، لوهه ٽامي ۽زراعت جي شعبي سان مالامال ملڪ هوندي به عوام جي ترقي خوشحالي جو گراف تمام گهٽ آهي،بي روزگاري وڏومسئلوبڻجي چڪي آهي، ڪرپشن جي جڙختم ڪرڻ ۽ ڪرپٽ مافيا جو احتساب نه ٿيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، دنيا جي ملڪن ڪرپٽ مافيا خلاف ڪارواين ۾ تيزي اچي چڪي آهي،وڏن بااثرن کي ڪرپشن ڪرڻ جي سگين ڏوهه ۾ سخت سزا ڏنيون ويون آهن، دنيا جي جنهن به ملڪ ڪرپشن کي روڪيو آهي،۽ڪرپٽ مافيا کي سخت سزا ڏني آهي، اهڙا ملڪ سپر پاورجي طاقت رکن ٿا،عوام ملڪ خوشحالي جي طرف جديد ترقي يافته دور ۾داخل ٿيو آهي،نيب ڪرپٽ مافيا خلاف مڪمل ثبوت حاصل ٿيڻ کان پوءِقانوني ڪاروائي ڪندو آهي،نيب تمام بهترانداز۾ گهربل نتيجا ڏيئي عوام جو مڪمل اعتماد وارو اداروبڻجي ويو آهي،نيب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب ڪرپٽ مافيا خلاف قانوني ڪاروائي، ڪندي538ارب رپيااوڳا ڙي ڪئي وئي،نيب کي هن وقت تائين 4 لک 96هزار460 شڪايتون موصول ٿيون،4 لک 87هزار124 شڪايتون اڪلايون ويون،16093شڪايتن جي جاچ پڙتال جي منظوري ڏني وئي،15378 شڪايتن جي تصديق جو عمل مڪمل ڪيو ويو،10241 انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي،9275انڪوائريون مڪمل ڪيون ويون،نيب4654 انويسٽيگيشنزجي منظوري ڏني،جنهن مان4358 مڪمل ڪيو ويو،نيب جي شاندار وڏي ڪاميابي پڻ آهي،نيب خلاف اهو تاثرڏنو پيو وڃي ته نيب حڪومت جي اشاري تي مخالف ڌرين خلاف ڪاروايون تيزڪري ڇڏيون آهن،اهڙو شوشوڇڏ ڻ حقيقت جي بلڪل ابتڙآهي،نيب جي ڪارواين خلاف مختلف وقتن تي ڪيترائي سگين الزام لڳايا ويا،جن نيب تي مختلف قسم جا الزام لڳايا،عوام اڳيان سوشل ميڊيا تي ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا، نيب جي ڪارواين تي انصاف جي نظرسان ڏسبو ته نيب جون ڪاروايون ڪرپٽ مافيا خلاف پڪا مڪمل ثبوت حاصل ٿيڻ کان پوءِ قانون جي دائري ڪاروائي ٿيون آهن،نيب جي زد ۾ ڪهڙيون سياسي ڌريون نشاني تي رهيون آهن، حڪمران جماعت تحريڪ انصاف،پ پ، پاڪستان مسلم ليگ( ن) جي ڊ اي، پاڪستان مسلم ليگ (ق) عوامي نيشنل پارٽي، قومي وطن پارٽي،بلوچستان نيشنل پارٽي،جميعت علماءِ اسلام (ف)ايم ڪيو ايم پاڪستان، پاڪ سرزمين پارٽي، سميت ٻيون سياسي مذهبي ڌرين جا فرد جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث رهيا انهن خلاف قانوني ڪاروائي ٿئي،ڪرپٽ مافيااحتساب عدالت جا چڪرڪاٽي رهي آهي،نيب جي ڪارواين جي خوف ڪري بيشماروڏو نالورکندڙملڪ کان فرار ٿي ويا آهن، ڪرپٽ مافيا جي وطن آڻڻ لاءِ نيب دنيا جي مختلف ملڪن سان رابطا وڌايا ويا آهن،انٽرپول جي ذريعي گرفتارين جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي،سياسي مذهبي ڌرين جونيب کي تنقيد جو نشانو بنائڻ ۽ نيب کي ختم ڪرڻ جا مطالبا وڏي بدقسمتي آهن،جيڪي ڪرپٽ مافيا سياست ۾ نه رهيو انهن جو به ڀرپوراحتساب ٿيو،بد قسمتي سان نيب اداري کي خاص ڪري مخالف سياسي ڌرين سخت تنقيد جو نشانو بڻايو،نيب ڪنهن به سياسي ۽بااثرڌرجو دٻاءُ قبول نه ڪيو، نيب جي معاملي تي خوب سياست ڪئي وئي،ملڪ جي اهم اداري حساس معاملن گهٽ نه سمجهيو وڃي، نيب جي مخالف ڪندڙسياسي ڌرين جو اهڙوعمل ملڪ جي مفاد ۽ترقي خوشحالي تي وڏو حملوآهي،حڪومت جا اڪثراداراڪرپشن جي ورچڙهيل آهن،حڪومتي ادارن ۾ ڪرپشن جو ناسورخطرناڪ حد تائين پکڙيل آهي،جنهن جو مثال علي بابا چاليهه چوروارو آهي،سرڪاري ادارن ۾ ميگا ڪرپشن جي صورتحال هجي ته ملڪ ترقي خوشحالي طرف وڃڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي،سرڪاري اداراڪرپٽ مافيا لاءِ سوني جهرڪي بڻيل آهن،ڪيترائي ڪرپٽ عالمي لٽيرابڻجي ويا آهن ملڪ ۽عوام جي لٽيل ناجائز دولت تي ٻاهرين ملڪن ۾ عيش عشرت ۽ڪيترائي ڪاروبارڄمائي فرضي نالن سان ڌوڪو ڏيئي رهيا آهن، ملڪ جا سرڪاري اداراڪرپشن ڪري عوام خون چوسي رهيا آهن ،سياست کي لڪ جو آسان نخصوڦرلٽ جو بڻايو ويو آهي،سياست ۾عوامي خدمت جي بجاءِ ڪرپشن جورستو اختيارڪرڻ ملڪ عوام تي يقينن وڏو ڏمر آهي،سرڪاري ادارن جهڙوڪ پوليس، صحت،پبلڪ هيلٿ، آبپاشي،پاڻي بجلي،ريلوي،تعليم،ثقافت،ٻيلوکاتو،اقليتي مذهبي امور،فشريز،ٽراسپورٽ، سياحت،زراعت، زڪوات راندين،منشيات روڪڻ وارو کاتو، بلدياتي، گورگه هل، سميت ٻين ادارن ۾ ڪرپشن ناسور بڻجي چڪي آهي، ،نيب ادارو آزاد خود مختيارآهي،سياسي مداخلت يا ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۾ نه آهي،ڪجهه مهينا اڳ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جي صاحبزادي مريم نواز کي نيب طلب ڪيو هو، ياد رهي ته لاهورجنگ جو ميدان بڻجي ويو هو، هزارين ڪارڪن سان مريم نواز شريف جيڪو به عمل ڪيو سو ڪنهن کان ڳجهونه آهي،سنڌ جي جيڪب آباد ۾ جکراڻي هائوس تي نيب جي ڪاروائي دوران جيڪو واقعو پيش ٿيواهو منظر به سڀني جي سامهون آهي،قانون جي پاسداري سڀني جو فرض آهي،قانون جو احترام بهترين عمل آهي، شريف خاندان ،ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت بيشمارسياسي ۽غير سياسي قداور شخصيتن تي نيب جا ڪيس داخل آهن،ملڪي سياسي جا به عجيب رنگ ڍنگ آهن،جنهن کي سمجهڻ گهڻو ڏکيونه آهي،ملڪ جو اڳوڻو وزير اعظم ميان محمد نواز شريف بيماري جو بهانو ڪري لنڊن ۾ خوب سير تفريح ڪندي ڏٺو ويو آهي،پولوگرائونڊوسايو،اڳوڻو صدرآصف علي زرداري جي پارٽي اجلاسن ۾ طبيعت ۾ بهتري،جلسن ۾ جيالن سان رقص ڪندي ڏٺو ويو،احتساب عدالت ۾ بيماررحم جهڙي حالت،ڪرپٽ مافياجا احتساب جي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيا آهن،نيب جو نئون چئيرمين يا موجوده چئيرمين جاويد اقبال کي عهدي تي رکڻ ياٻيونئون نيب چئيرمين آڻڻ جي  معاملي جوحل بهتر انداز۽بغير تڪرارسان مسئلي جوحل ملڪ جي مفاد ۾ رهندو

پهنجو تبصرو موڪليو