نيب جو روينيو آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

سکر (جيرام داس) نيب سکر جي ٽيم پنو عاقل ۾ روينيو کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي سڄو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ڇاپي دوران عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڇاپي دوران نيب ٽيم آفيس جا در بند ڪري آفيسر توڙي ملازمن کان پُڇاڳاڇا ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ٽيم اهم رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي واپس رواني ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو