نيب جا ڇاپا، ڪڻڪ کٽل ۽ ٻورين ۾ واري ڀريل، گدام سيل

لاڙڪاڻو(ن س) سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ مبينا ڪرپشن جي شڪايتن تي نيب ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون، ڪنڌڪوٽ کانپوءِ لاڙڪاڻي ۽ باڊهه ۾ ڇاپا ڪڻڪ جا گدام سيل ڪري ڇڏيا. ڪڻڪ جون ڪيتريون ئي ٻوريون کُٽل هجڻ سبب 3 گودام سيل، ريڪارڊ ضبط، نيب سکر جي ٽيم لاڙڪاڻي جي رحمت پور ۽ وڳڻ روڊ تي واقع ٽن گودامن تي ڇاپا هنيا، جنهن دوران ريڪارڊ ۾ موجود ٻورين جو انگ مڪمل نه هجڻ بعد ٽنهي گودامن کي سيل ڪري ريڪارڊ ضبط ڪيو ويو. گودامن تي نيب پنهنجا اهلڪار ويهاري ڇڏيا. نيب جي ساڳي ٽيم باڊهه ۾ به ٻن گودامن تي ڇاپا هنيا، جن کي به سيل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب  گودامن تان ڪڻڪ جون سوين ٻوريون غائب هئڻ ۽ گدامن ۾ موجود ڪڻڪ جي ٻورين مان واري پڻ نڪتي آهي.  ياد رهي ته نيب گذريل ڏينهن ڪنڌڪوٽ ۾ به گودامن تي ڇاپا هڻي 2 لک ٻوريون غائب هجڻ سبب ڪيترائي گودام سيل ڪري ڇڏيا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو