نيب اين آءِ سي وي ڊي وارن کي گرفتار نه ڪري، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب ڪراچي اين آءِ سي وي ڊي جي فنڊز ۾ مبينا اربين رُپين جي گهوٻين بابت انڪوائري جو رڪارڊ اسلام آباد هيڊڪوارٽر ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدارن جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جو مامرو نيب چيئرمين وٽ آهي، جيڪو وڌيڪ ڪارروائي لاءِ  آرڊر جاري ڪندو، جوابدار جاچ ۾ سهڪار نه پيا ڪن ۽ گهربل رڪارڊ به مهيا نٿو ڪيو وڃي، عدالت طرفان اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا کي نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جو حڪم، ڊائريڪٽر نديم قمر، داور حسين، ڊاڪٽر نصر الله ملڪ، صوبيه اختر، رجعيه عروج ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 2 فيبروري تائين واڌ، عدالت اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا کي چيو ته نيب جو جاچ آفيسر ڪنهن کي به گرفتار نه ڪندو،  پر جيڪو رڪارڊ گهربل آهي، اُهو نيب کي مهيا ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو