نياڻي جي تدفين بعد آصف علي ورلڊ ڪپ لاءِ لنڊن پهچي ويو

لاهور( م ڊ) پاڪستان جو مڊل آرڊر بيٽسمين آصف علي ڇنڇر تي لنڊن پهچي ويو ۽ آچر تي بنگلاديش سان رٿيل وارم اپ ميچ لاءِ دستياب هوندو پر اها پڪ ناهي ته کيس کيڏايو ويندو يا نه. آصف علي جيڪو گذريل آچر تي پنهنجي 19 مهينن جي نياڻي ڪينسر سبب فوت ٿيڻ بعد لنڊن مان واپس آيو هو. فيصل آباد ۾ تدفين بعد هن واپس ويندي چيو ته سندس لاڏلي نياڻي دعا فاطمه جيڪا هڪ جنگجو ۽ با همت هئي، سندس يادن جي خوشبو کي طاقت بڻائي واپس ٿو وڃي. 27 سالن جو آصف جيڪو اڳ م چونڊيل ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو نه هو پر انگلينڊ خلاف چار زيرو تان بدترين شڪست کائيندڙ پاڪستاني ٽيم پارن ٻه ففٽيون ٺاهيون، جنهن سبب کيس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو بنايو ويو. پاڪستان ورلد ڪپ جو پهريون ميچ جمع تي ويسٽ انديز خلاف کيڏندو. ياد رهي ته آصف علي وڏو هٽر آهي ۽ ميچ ونر ثابت ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو