نون ميمبرن جي مقرري غير آئيني قرار، چيف جو حلف کان انڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا خان حڪومت طرفان مقرر ڪيل ٻن نون ميمبرن جو حلف وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ميمبرن جي مقرري جو معاملو ڳنڀير صورتحال اختيارڪري ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته نون ميمبرن جي مقرري آئين جي مطابق ناهي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر پارلياماني معاملن بابت وزارت کي خط لکي باضابطه طور تي معاملي کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته نون ميمبرن جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 213 ۽ 214 موجب نه ٿي. وفاقي حڪومت 7 مهينن کانپوءِ ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن جي مقرري ڪئي آهي جڏهن ته اپوزيشن ٻنهي مقررين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نون ميمبرن ۾ سنڌ مان خالد محمود صديقي ۽ بلوچستان مان منير احمد ڪاڪڙ شامل آهن، صدر جي منظوري کانپوءِ پارلياماني معاملن بابت وزارت انهن جو نوٽيفڪيشڻ پڻ جاري ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي ميان رضا رباني چيف اليڪشن ڪمشنر جي فيصلي جي ساراهه ڪندي چيو آهي اسين صدر پاڪستان پاران آئيني تقاضا پوري ڪرڻ بنا ٻن ميمبرن جي مقرري کي آئين جي سنگين خلاف ورزي سمجهون ٿا ۽ اها 18 هين ترميم جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته صدر علوي آئين کان بغاوت ڪئي آهي. آئين موجب وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان مشاورت جو پابند آهي پر حڪومت هن معاملي ۾ هڪ طرفو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو