نون ليگ ٻٽي پاليسي ڇڏي يا حڪومت سان گڏجي وڃي، بلاول

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ ووٽ جي عزت ڪريو ٿا ته ڪٺ پُتلي عثمان بزدار کي هٽايو، عمران خان جي حڪومت پاڻهي ڪِري پوندي، اسان سان گڏجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو يا پنهنجي ڳالهه تي عمل ڪندي استعفيٰ ڏئي ڇڏيو. ٻٽي پاليسي نه هلندي فيصلو ڪريو ته ڇا ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن رحيم يار خان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران ڪيو ۽ چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ووٽ جي عزت جي ڳالهه به ٿئي ۽ ووٽ جي استعمال جو وقت اچي ته ڀڄي وڃو، ٻٽي پاليسي نه هلندي، يا اپوزيشن سان گڏ بيهو يا اعلان ڪريو ته حڪومت سان گڏ آهيو.  اسان توهان کي مجبور ڪنداسين ته عثمان بزدار ۽ عمران خان کي گهر اُماڻيو، شفاف چونڊيون ٿيون ته عوامي حڪومت ايندي، پيپلز پارٽي عوامي حڪومت لاءِ ڪردار ادا ڪندي، اڳتي هلي وفاق ۽ صوبن ۾ پ پ جي ئي حڪومت، ڪٺ پُتلي کي ملڪ ۾ مڙهيو ويو پر عمران خان پنهنجو هڪ به واعدو نه پاڙيو. ياد رهي ته بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب جي دوري تي آهي مظفرآباد، ملتان، جلال پور پير والا کانپوءِ هو رحيميار پهتو آهي. سڀني شهرن ۾ مسلم ليگ (ن) جا مقامي اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو