نوشھروفيروز، مڙس هٿان زال قتل، پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل

نوشھروفيروز ( مشتاق حسين مري ) ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمان جي عدالت ۾ درخواستگذار مسمات حاجل ڪلھوڙو ايڊوڪيٽ ميڊم گلشن آرا جي معرفت 22AB تحت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته منهنجي ڌي مسمات مھناز ڪلھوڙو جي شادي محرم ڪلھوڙو سان ٿيل ھئي, سندن گهر ۾ اڪثر ڪري گهرو اڻبڻت تان جھيڙو ٿيندو رهندو ھو 25 مارچ 2019 تي سندس مڙس محرم ڪلھوڙو ۽ ڏيرن شبير ڪلهوڙو, الھوسايو ڪلھوڙو ۽ نثار ڪلھوڙو مارڪٽ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو جڏھن ته ڀرياروڊ جي پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. عدالت اھڙي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي 28 جون تي ايس ايس پي نوشھروفيروز کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو