نوشهري ۾ 2 سينئر ڊاڪٽر وڙهي پيا، هڪ ڌر تي ڪيس داخل

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ڊي ايڇ او آفيس ۾ تربيتي پروگرام ڪرائڻ تان ڊاڪٽر پاڻ ۾ وڙهي پيا، هڪٻئي تي حملا ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي اڳرائي ڪري حملو ڪرڻ جا الزام هنيا پيا وڃن. ڊي ايڇ او آفيس جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرن پاران احتجاج، ڌرڻو هڻي ڊي ايڇ او آفيس کي بند ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري جي پٽ حمزه انصاري جي فرياد تي ڊي ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال سميت 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ڊاڪٽر ياسين ٻلال، سهيل راڄپر، امتياز ٻلال ۽ امجد ٻلال مٿان ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري مٿان قاتلاڻي حملي، تشدد ڪرڻ ۽ ٻين قلم هيٺ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي پر اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. ڊي ايڇ او آفيس ۾ ان وقت ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جڏهن ڊي ايڇ او آفيس ۾ نيوٽريشن بابت جاري تربيتي پروگرام ۾ نيشنل پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري پهتو ۽ چيو ته تربيتي پروگرام سندس اجازت کانسواءِ ڪنهن رکرايو آهي. جنهن تي تربيتي پروگرام هلائيندڙ عطائي ڊاڪٽرن بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال کيس ڊي ايڇ او جو ريفرنس ڏنو جنهن تي ڊاڪٽر عبدالحميد پروگرام بند ڪرڻ جو چيو ته ٻنهي ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڊاڪٽرن هڪٻئي کي ڪٽڪو ڏئي هڪٻئي جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، ڊي ايڇ او آفيس جي عملي وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين کي ڇڏائي ورتو. ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال جي حمايتي ڊاڪٽرن ۽ آفيس عملي پاران احتجاج ڪندي ڊي ايڇ او آفيس جي تالا بندي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ مٺياڻي روڊ تي ڌرڻو هڻي ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري ۽ سندس حامين کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال چيو ته هو ڊي ايڇ او جي اجازت سان نيوٽريشن بابت تربيتي ڪلاس هلائي رهيو هو ته ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري جيڪو پ پ  جي ايم پي اي شهناز انصاري جو مڙس آهي پنهنجي پٽن، سالن ۽ ٻين هٿياربندن سان گڏجي آفس پهچي درن، درين ۽ ڊي ايڇ او آفيس جا شيشا ڀڳا ۽ مٿس حملو ڪري کيس ڌڪ هنيا آهن جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو آهي. هن چيو ته ڊي ايڇ او آفيس ۾ غنڊه راڄ قائم ڪري آفيس عملي کي به مارڪٽ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي پ پ ايم پي اي شهناز انصاري پريس ڪلب پهچي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو ۽ ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال خلاف احتجاج ڪندي مٿن سنگين قسم جا الزام هنيا آهن.

پي پي ايم پي اي شهناز انصاري جي پٽن سان گڏ پريس ڪانفرنس

هن ٻڌايو ته پوليو جي روٽين جو مرحلو هلي رهيو هو، جنهن ڪري روٽين ۾ ڪوبه تربيتي پروگرام ناهي ٿيندو پر ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال غير قانوني طريقي سان هڪ ئي وقت مورو ۽ نوشهروفيروز ۾ تربيتي پروگرام هلائي رهيو هو، سندس مڙس ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري پاران منع ڪرڻ تي مٿس حملو ڪيو ويو ۽ ڌڪا ڏئي آفيس مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان وقت سندس پٽ به ان سان گڏ هئا جن پيءَ تي تشدد ٿيندو ڏسي برداشت نه ڪري سگهيا ۽ انهن پنهنجي پيءُ کي ڇڏائي کيس گهر وٺي آيا، جنهن بعد ڊي ايڇ او ماڻهو گهرائي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرائي آهي ۽ الزام سندس پٽن تي هڻي رهيو آهي. هن چيو ته ڊي ايڇ او ضلع ۾ تباهي ڪري ڇڏي آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرس سميت مختلف عورتن کي حراسان ڪري رهيو آهي وٽس ڪيتريون ئي شڪايتون آيون آهن سول اسپتال ۾ ڊائيلاسز جون مشينون هلڻ نه ٿو ڏئي جيڪي زنگجي خراب ٿي رهيون آهن. 4 سالن کان سول اسپتال جا ڊي ڊي او پاور پاڻ وٽ رکي بجيٽ هڙپ ڪري رهيو آهي جنهن سبب ضلع جي عوام کي اسپتال مان دوائون به نه ٿيون ملن. ناتجربيڪار ۽ نان ڪواليفائيڊ من پسند ڇوڪرين کي نوڪرين جا آرڊر جاري ڪري ڊائلاسز سينٽر ۽ اسپتال ۾ مقرر ڪيو آهي جن کي ڪوارٽر پڻ الاٽ ڪيا آهن. هن چيو ته ڊي ايڇ او ڪرپٽ ۽ نااهل آهي کيس هٽايو وڃي. هن چيو ته هن جڏهن ڊي ايڇ او سان معاملي بابت فون تي ڳالهايو ته ان ساڻس نازيبا لفظ استعمال ڪيا. هن چيو ته هوءَ معاملي بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ آڻيندي. رابطي تي ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري سندس آفيس تي حملو ڪري ناجائزي ڪئي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال سندس اجازت سان نيوٽريشن بابت تربيتي پروگرام ڪري رهيو هو جيڪو وٽس اختيار آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ۽ ٻيا ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نوشهروفيروز ٿاڻي تي پهتل آهن ۽ آخري وقت تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو