نوشهرو مان نوابشاهه منتقل ڪيل 9 وينٽيليٽر واپس

نوشھرو فيروز(منظور ملڪ)سول اسپتال نوشھروفيروز جي 9 وينٽيليٽرز وارو معاملو ھاء ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم تي ڊائريڪٽر ھيلٿ سروس سنڌ حيدرآباد ڊاڪٽر ارشاد علي ميمڻ عدالتي ڪاروائيءَ کان بچڻ لاء ھڪ خط لکي ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ اسپتال پي ايم سي نوابشاھ کي ھدايت ڪئي آھي ته عدالت سڳوريءَ جي حڪم مطابق فوري طور سول اسپتال نوشھروفيروز جا کنيل 9 وينٽيليٽر واپس ڪيا وڃن.

Photo Sindhyar

ياد رھي ته سول اسپتال بچايو ڪميٽيء طرفان ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويئي آھي جنھن ۾ سول سرجن نوشھرو فيروز ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ سروس حيدرآباد ڊي سي نوشھروفيروز کي ڌر بڻايو ويو آھي گذريل شنوائيءَ تي عدالت سڳوريء کين تنبيھ ڪئي ھئي ته ايندڙ شنوائي جيڪا 24 جولاء تي ٿيڻي آھي ان شنوائيءَ کان اڳ وينٽيليٽر واپس ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو