نوشهرو جي 1 ارب 17 ڪروڙ جي ضلعي بجٽ پيش

نوشهرو فيروز(مشتاق حسين مري) ضلعي ڪائونسل سال 2020-2019 لاء ھڪ ارب 17 ڪرورڙ، 86 لک، 39 ھزار 212 رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي،  79 هزار 212 رپين جي بچت ظاهر. چيئرمين ضلع ڪائونسل چيئرمين عبدالستار عباسي سالياني بجٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته سال 2020-2019 جي ڪل آمدن هڪ ارب 17 ڪروڙ 86 لک 39 هزار 212 روپيه هوندي ۽ ڪل خرچ هڪ ارب 17 ڪروڙ 85 لک 60 هزار روپيه جو تخمينو آهي. اهڙي طرح هي بجٽ 79 هزار 212 روپين جي بچت واري بجٽ آهي. بجٽ جا تفصيل ٻڌائيندي عبدالستار عباسي چيو ته هن سال 20 ڪروڙ روپين جون نئون ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن جڏهن ته 40 ڪروڙ روپين جون گذريل سال جون ترقتاتي اسڪيمون هلندڙ آهن.

هن چيو ته بجٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي.هن چيو ته پگهارن ۽ پينشن جي مد ۾ 10 ڪروڙ 77 لک88 هراز رکيا ويا آهن. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ اضافي ڪمرن لا ءِ 10 لک روپيا رکيا ويا آهن. ضلعي جي پريس ڪلبن جي مالي مدد لاءِ 3 لک،تعلقي پريس ڪلب جي مرمت لاءِ 5 لک، پبلڪ پارڪ (چلڊرين پارڪ) نوشهروفيروز لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا، مختلف علائقن ۾ پڪا روڊ، پليون، سي سي بلاڪ، ناليون ،مقامن جي چارديوارين ۽ مسافر خانن جي تعمير لاءِ 50 ڪروڙ روپيا، معذورن ۽ غريب عورتن کي سلائي مشين ڏيڻ لاءِ 5 لک روپيا، فائر برگيڊ ۽ ايمبولينس جي خريداري لاءِ هڪ ڪروڙ 30 لک،5 تعلقن جي هيڊڪواٽرن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ لاِ هڪ ڪروڙ، شاگردن جي اسڪالر شپ لاءِ ۽ مدد لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين چيو ته مون وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ته ترقياتي ڪمن تي صحيح نموني خرچ ٿئي ۽ ضلعي ڪائونسل جي بجٽ مان عوام جي فلاح ۽ ڀلائي ٿئي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته ضلع ڪائونسل نوشهروفيروز جي شمار صوبي جي بهترين ضلع ڪائونسلن ۾ ٿئي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو