نوشهرو، ڊاڪٽرن جو جهيڙو، ڪوڙو ڪيس واپس وٺو،انصاري

نوشھروفيروز(مشتاق حسين مري) نيشنل پروگرام جي ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري ليڊي هيلٿ ورڪرن سان گڏ پريس ڪلب نوشھروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته مان ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مظھر ڪلهوڙو کان 12 ڏينهن جي موڪل وٺي  ايران عراق زيارتن تي ويل هيس ته واپسي تي آفيس ۾ هيلٿ بابت نيوٽريشن جو تربيتي پروگرام هلندڙ ھو جنهن تي مون عطائي ڊاڪٽرن بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال کي چيو ته ايمرجنسي ۾ ڪو به تربيتي پروگرام ڪرائڻ غيرقانوني آھي جنهن تان ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ۽ سندن وٺن مون مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ مون کي تشدد جو نشانو بڻايو۔ هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال سميت ٻين کي پاڪ ڪتاب ڏنو وڃي ڇاڪاڻ تي ڊي ايڇ او آفيس ۾ هنن پاڻ هٿ سان ڀڃ ڊاه ڪرڻ سان گڏ پنهنجا ڪپڙا ليڙو ليڙو ڪري اسان مٿان ڪيس ڪرائڻ لاء هٿرادو ڪوڙو ڊرامو رچايو آھي۔ هن چيو ته مون سميت ليڊي هيلٿ ورڪر ڪو به بائيڪاٽ ناهي ڪيو پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهيون  پر ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ملازمن کي بليڪ ميل ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرائي اسپتال ۾ ايندڙ مريضن سميت هتان جي عوام لاء عذاب بڻيل آھي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ليڊي هيلٿ ورڪرن کي حراسان ڪرڻ سان گڏ بليڪ ميل ڪري رهيو آھي ۽ عطائي ڊاڪٽرن کان لکين رپين جي اوڳاڙي ڪري کين ڪلينڪون کولڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو آھي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ضلعي نوشھروفيروز اندر عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون رشوت عيوض سرعام کليل آھن۔ هن سنڌ حڪومت سميت صحت واري وزير کان مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن کي حراسان ڪندڙ ۽ مون مٿان حملو ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ۽ سندن واٺن خلاف ڪارروائي ڪري مون مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو