نور مقدم قتل ڪيس ۾ جوابدار جي والدين جي ضمانت رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل سيشن جج سهيل احمد نور مقدم قتل ڪيس ۾ گرفتار ملزم جي والدين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو جيڪو خميس تي جاري ڪيو ويو. ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪيل نور مقدم ڪيس ۾ ضمانت جي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو هو ته  ملزم ظاهر جعفر جو والد ذاڪر جعفر ۽ امڙ عصمت آدم واقعي واري وقت گهر ۾ نه هئا ۽ هو پٽ جا حامي نه آهن. هو پنهنجي ڪئي جو پاڻ ذميوار آهي. سرڪاري وڪي چيو ته هنن ڪوڙ ڳالهايو، ملازم کين واقعي وقت فون ڪئي هنن پوليس کي اطلاع نه ڏنو ۽ معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن فون رڪارڊ مطابق هو ملزم پٽ سان مسلسل رابطي ۾ هئا ۽ پوليس سان غلط بياني ڪئي آهي. عدالت ٻنهي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. ٻئي اديالا جيل ۾ قيد آهن. ياد رهي ته عيد رات اسلام آباد جي ايف سيون فور ۾ ملزم ذاهد جعفر پنهنجي ننڍپڻ جي دوست 26 سالن جي نور مقدم جيڪا اڳوڻي سفارتڪار شوڪت مقدم جي نياڻي آهي، تنهن کي قتل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو