نوري آباد لڳ خوفناڪ حادثو 5 فوت 20 ڄڻا زخمي

ڄامشورو(ن سنڌيار) نوري آباد ڀرسان زائرين جي ڪوچ حادثي جو شڪار ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت، 20 زخمي ٿي پيا. لوڻي ڪوٽ  ٿاڻي جي حد ۾ شهر بقا وٽ ڪراچي کان خيرپور ويندڙ شيعا زائرين جي مسافرڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اڳيان ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي گاڏيون ڪلٽي ٿي پيون.حادثي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا علي بلاول، حسن عباس، سھيل، شبيع  ۽ دلشاد  فوت ٿي ويا. زخمين ۾ فراز  نقوي، سيد محمد حيدر، سيد علي باقر، ذيشان ڪاظمي،  احسن علي، بينش فاطمه،رفعت، فردوس ڪوثر، معصومه اڪبر ، علينه، جويريا عباس، علي حيدر، عرفان شاههعسڪري، توبا بتول، جرار علي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪوچ سوار مسافرن جو تعلق ڪراچي جي علائقي انچولي سان آهي جيڪي خيرپور زيارتن تي وڃي رهيا هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته رات دير سان ٿيل حادثي ۾ زخمي دير تائين  امداد لاءِ واجهائيندا ۽ تڙپندا رهيا، جنهن کانپوءِ لوڻي ڪوٽ پوليس حادثي واري جاءِ تي پهچي موٽروي پوليس سان گڏجي لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو. زخمين کي ڄامشوري جي لمس اسپتال آڻڻ بعد حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، زخمين ۾ عورتن ۽ مردن کان علاوه  ٻار به شامل آهن.حادثي ۾ فوت ٿيل چئن جي مڙھن کي ايڌي ايمبولينس  وسيلي  ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ھڪ فوتي جو تعلق ميرپور خاص سان ھو جنھن جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آهي. پوليس موجب 4 فوتي ڪراچي جا رھواسي آھن جيڪي ڪراچي کان مجلس ۾ شرڪت ڪرڻ وڃي رھيا ھئا ته ساڻن لوڻي ڪوٽ وٽ خوف ناڪ حادثو پيش آيو. حادثي جو شڪار ٿيل ٻنھي گاڏين کي لوڻي ڪوٽ پوليس ڊرائيورن سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو