نوجوان واپارين پاران شهر جي غريبن ۾ مفت چپل تقسيم

شهدادڪوٽ (ن س) انسانيت سان محبت رکندڙ هندو برادري جا نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت پيرين اگهاڙو گهمندڙ يا پراڻين ۽ ڦاٽل جتين وارين ماڻهن ۾ نيون چپلون ورهايون. شهر جي ۾ختلف روڊن ۽ گهٽين ۾ چپلن جا ٿيلها ڀري موٽر سائيڪل تي گشت ڪري 100جي لڳ ڀڳ سخت گرمي ۾ مسڪينن کي جتيون پارائي سندن خدمت ڪئي. هو چپلن جا جوڙا کڻي پاڻ نڪري پيا، جن ۾ راهول ڪمار، اويناش، رتيڪ لعل، راجڪمار ۽ ٻيا شامل هئا. نوجوانن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي ڪم اسين ڪنهن کي خوش ڪرڻ نه پرڌڻي تعاليٰ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون. هنن چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب جتي غريب ٻه ويلا ماني کائڻ لاء پريشان آهي اتي هو پنهجي جسم کي ڍڪڻ لاء ڪاشئي وٺي ئي نه ٿو سگهي هنن چيو ته اسين هي ڪم جاري رکنداسين ۽ اڳتي به پنهنجي مدد پاڻ تحت مسڪينن جي مدد ڪندا رهنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو