نوجوان ناري پاران خودڪشي، اسپتال مان ڊاڪٽر غائب

شاهپور جهانيان (ن س) ڳوٺ ميهوال چانڊيو چانڊيو ۾ 15 ورهين جي نينگري رباب چانڊيو ڳچيءَ ۾ رسو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو ، لاش قاضي احمد اسپتال آندو ويو ، فوت ٿي ويل نينگري جي پيءُ اصغر چانڊيو ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ، ڪو به اهڙو ڪارڻ ناهي ، هنن اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو ته 2 ڪلاڪ گذرڻ باوجود  ڪو به ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم لاء ناهي آيو ، هنن وزير اعلي ۽ وزير صحت کان مطالبو ڪيو ته اسپتال انتظاميا خلاف نوٽيس وٺي نينگري جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو