نوجوان ناري سان ڏاڍائي، جوابدار گرفتار، تحفظ جي اپيل

عادلپور (اسلم مھر) نوجوان ناري کي هٿيارن جي زور تي مبينه زيادتي جو نسانو بڻائيندڙ جوابدار سوگهو، پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.  ڳوٺ ميرڻ دڙو جي رهواسڻ 18 سالا نوجوان ناري نظامان عرف فرزانا ڌيءَ حاجي پٺاڻ سومرو ٻڌايو ته جوابدار نواب چاچڙ کيس گذريل هڪ سال کان دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو هو. جنهن بعد گذريل رات هوءَ پنهنجي ماسڙ وٽ ڳوٺ لاکولنجاري ۾  ترسيل هئي ته رات جو هٿيارن جي زور تي کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. ناري جي رڙين تي ڳوٺاڻن زيادتي ڪندڙ جوابدار کي پڪڙي گهوٽڪي بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو. ناري کي ميڊيڪل لاءِ تعلقه اسپتال آندو ويو , ان موقعي ته ناري نظامان سومرو پنهنجي امڙ ۽ ڀائرن سان گڏجي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڳوٺ جان محمد پٽي جي رهواسي نواب چاچڙ گذريل هڪ سال کان دوستي رکڻ لاء تنگ ڪندو پئي آيو ، مان خوف سبب ماسڙ جي گهر  ڳوٺ لاکولنجاري ۾ ترسيل هيس، جتي گذريل رات جوابدار نواب چاچڙ ٻن هٿيار بندن سان گڏجي هٿيارن جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو. هن چيو ته خوف آهي ته جوابدار مونکي قتل ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو